موبائيل فون جي بيٽري تڪڙي ختم ڪندڙ ايپ

موبائيل فون جي بيٽري تڪڙي ختم ڪندڙ ايپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ڪيئي سوشل ميڊيا واهپيدارن دعويٰ ڪئي آهي ته نئين سوشل ميڊيا ايپ ٿريڊز جنهن کي مارڪ زڪربرگ ايلون مسڪ جي ٽوئيٽر جي مخالف طور متعارف ڪرايو هو، ان سان موبائيل جون بيٽريون جلدي ختم ٿي رهيون آهن. پنج جولاءِ تي متعارف ڪرايل ايپ جا هر پاسي چرچا آهن، ٿريڊز جي واهپيدارن جو انگ پنج ڏينهن اندر ڏهه ڪروڙ کان ٽپي ويو هو، انڪري ٽِڪ ٽاڪ بعد ٿريڊز کي مقبول ايپ قرار ڏنو پئي ويو. پر هاڻي ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن دعويٰ ڪئي آهي ته سندن فون جون بيٽريون جلد ڊرين ٿي رهيون آهن ۽ اِهو سڀ ٿريڊز ڊائون لوڊ ڪرڻ کانپوءِ ٿيو آهي. ان مسئلي سبب مايوس ٿيندڙ واهپيدارن ٽوئيٽر تي ان حوالي سان ويچار ونڊيا، هڪ صارف لکيو ته فون جي بيٽري جلد ختم ٿي رهي آهي، گڏوگڏ هن سوال ڪيو ته ڇا ڪو ٻيو به ان مسئلي کي منهن ڏئي رهيو آهي؟هڪ ٻئي واهپيدار سوال ڪيو ته ٿريڊز آءِ فون جي بيٽري وڌيڪ پي رهيو آهي يا آءِ فون ۾ ڪجهه ڦيرڦار ٿي آهي؟ اڄڪلهه منهنجي فون جي بيٽري معمول کان وڌيڪ ڪِري رهي آهي. هڪ واهپيدار پنهنجي فون جي بيٽري استعمال ڪرڻ واري ايپليڪيشنز جي فهرست ڏيکاري جنهن ۾ ٿريڊز سرِ فهرست هئي جنهن 53 سيڪڙو فون جي بيٽري استعمال ڪئي، هن پنهنجي ٽوئيٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته بيٽريون ڪڏهن به ڪوڙ ناهن ڳالهائينديون. اڻ ڳڻين واهپيدارن طرفان اِها ئي دعويٰ ڪئي وئي پر اڃا تائين ميٽا طرفان ان حوالي سان ڪو به بيان سامهون ناهي آيو. برطانوي رسالي ۾ ڇپيل رپورٽ موجب، موبائيل جي بيٽري تڪڙي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ اڃا تائين واضح نه آهي، ان سلسلي ۾ اي ايس اي ٽي جي سائبر سيڪيورٽي ماهر، جيڪ موري جو خيال آهي ته اِهو ” منفي ٽيسٽنگ“ سبب ٿي سگهي ٿو. ميل آن لائين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ميٽا جي ايپس تي ڊگهي عرصي کان آءِ فون جي بيٽري وڌيڪ کائڻ جو الزام لڳايو ويندو آهي. ان جو ڪارڻ اِهو ٿي سگهي ٿوته ميٽا اختيارين پنهنجي ايپ بابت وڌيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته واهپيدار سندن ايپس کي ڪيئن استعمال ڪن ٿا، ان کي ئي منفي ٽيسٽنگ چيو ويندو آهي. منفي ٽيسٽنگ نالي عمل ڊيولپرز کي اِهو ڄاڻن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ته ماڻهو ايپ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪهڙي نموني استعمال ڪن ٿا. جيڪڏهن اوهان ٿريڊز ڊائون لوڊ ڪرڻ بعد محسوس ڪيو آهي ته اوهان جي بيٽري تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي ته اوهان پنهنجي فون جي بيڪ گرائونڊ ايپ ريفريش سيٽنگ کي بند ڪري ڇڏيو. اِها سيٽنگ ايپس کي اَپ ڊيٽس ۽ نئين مواد جي چاج ڪرڻ جي اجازت ڏيندي آهي، ايستائين جو جڏهن انهن جو استعمال وڌيڪ نه ٿيندو هجي تڏهن به، ۽ اهڙي نموني اوهان جي بيٽري تيزي سان ڊرين ٿي ويندي آهي. ان کي فون تي آف ڪرڻ لاءِ رڳو سيٽنگ ايپ کوليو ۽ جنرل تي وڃو، بيڪ گرائونڊ ايپ ريفريشن تي ٽيپ ڪريو، پوءِ آف ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان اينڊرائيڊ فون استعمال ڪري رهيا آهيون ته سيٽنگز کوليو ۽ پوءِ CONNECTIONS ۽ پوءِ DATA USAGE تي ٽيپ ڪريو. موبائيل تي DATA USAGE تي ڪلڪ ڪريو ۽ ٿريڊز کي سليڪٽ ڪريو ۽ ALLOW BACKGROUND DATA USAGE جي آپشن کي ڊِس ايبل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو