خانپورمهر (ن س) خانپورمهر ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 4 عورتون زخمي، ٻنهي ڌرين جا هڪ ٻئي مٿان حملي ۽ تشدد جا الزام، اين سي رپورٽ داخل، خبر موجب خانپورمهر جي ديدار محلي ۾ گهر جي جڳھ تي مبينا قبضي واري معاملي تان مهر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ٻنهي ڌرين جون چار عورتون زخمي ٿي پيون جن کي پوليس ليٽر ملڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ هڪ ڌر جي عاشق علي مھر معصوم ٻارڙن سميت سرڪاري اسپتال ۾ صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته منهنجي غير موجودگي ۾ عبدالعزيز مهر, عامر, فهيم, غلام فريد ۽ ٻين منهنجي گهر تي حملو منهنجي ڳورهاري گهرواري شبانہ ۽ منهنجي امڙ ذليخا مهر کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته جوابدار بااثر آهن ۽ مونکي ڳوٺ جي اساس جي زمين مان لڏي وڃڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، عاشق مھر چيو مون مٿان گھر مٿان قبضي جا بي بنياد الزام ھڻي رھيا آھن، ٻي ڌر جي عبدالعزيز مهر ٻڌايو ته عاشق مهر، عارف، رفيق مهر وارا گهر تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا اڄ انهن حملو ڪري مستاني عورت گلستان مهر ۽ مسمات صبرينه کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي حملي ۽ تشدد وارا الزام بي بنياد آهن،جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن خانپورمهر ٿاڻي ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي..










