منشيات فروشن، پوليس ۽ ڀوتارن جو ڳٺ جوڙ

ليکڪ  سيد زوار حسين شاهه بس ڳالهه ته ان جو ڏک آهي ته جن کي قانوني اختيار هجي ته منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري نوجوان نسل تباهه ٿيڻ کان بچايو پر جيڪڏهن هو پاڻ منشيات وڪرو ڪن ته پوء ڇا بچندو ، اهو وڏو سوال آهي جنهن تي جواب گهرجي ، باخبر زريعن اهو به ٻڌايو آهي ته منشيات فروشي هاڻ نه صرف دڪاندانن پر ڳلين گهٽين  محلن اسڪولن ڪاليجز يونيورسٽيز ۽ ڀوتارن جي اوطاقن تي به وڪرو ٿي رهي آهي ، عام ماڻهون کي به اها خبر آهي پر ڪڙو سچ اهو به آهي ته پوليس ته ڄڻ  انهن جي سرپرستي پئي ڪري ، جيڪڏهن هاڻ به  منشيات وڪرو ڪندڙ خواه ڪير به هجي نه پڪڙيا ويا ته پوء سنڌ جيڪا نه صرف تعليم جي ڪري تباهه برباد ٿي چڪي آهي پر منشايت ته اسان جا نسل تباهه پئي ڪري ، اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته منشيات جي خاتمي لاء رينجرس کي مڪمل اختيار ڏنا پيا وڃن جيئن منشيات وڪرو ڪندڙ ڪير به هجي ڪيترو به طاقتور هجي ان کي گرفتار به ڪري وائکو به ڪري جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ رينجرس چيڪنگ دوران  پوليس گاڏي م منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪري  انهن کي گرفتار ڪيو ، اهڙي جيڪڏهن وري ٻيهر ڪوشش ڪئي وئي ته مان سمجهان ٿو سنڌي قوم رينجرس اهلڪارن کي گلن جا هار وجهندا ،  سنڌ جي پوليس هجي يا پنجاب جي ڳالھ ساڳئي آھي , عوام کي ڪوئي ان مان سک نه ملندو , اڌ پوليس وڏيرن ڀوتارن جاگيردارن ميرن پيرن جي پروٽوڪول ۾ ڦاٿل , ڪجھ ڏوهارين کي تحفظ مهيا ڪرڻ م پوري آھي ڪجھ ڪچي ۾ ويهي پئي مزا ماڻي , ڪجھ پوليس هوٽلن تي ويهي ريسٽ ڪرڻ سان گڏ مفت ماني چانهه بوتل پي پئي بنا بل ادا ڪرڻ جي رفو چڪر ٿئي پوء هوٽل ملڪ سوشل ميڊيا تي پيا انهن جون بل نه ڀرڻ جون پوسٽون هلائين , برحال سنڌ پوليس تي عوام جو اعتماد في الحال ته بحال ناهي , جڏھن ته ان م به ڪو شڪ ناهي ته ڪن جي ڪري هي دنيا به هلي ٿي ته پوليس به هلي پئي , سنڌ جا ڪيترائي ايماندار فرض شناس آفيسر آھن جن تي سنڌ جو عوام ناز ڪن ٿا , پر پر سائين هن وقت پوليس جي ڪيترن ئي اهلڪارن مٿان ڪرپشن جا الزام عائد آھن جڏھن اڪثر پوليس مقابلن جي ڳالھ هلندي آھي پوء جڏھن ڪا ان پوليس مقابلي جي انڪوائري ٿيندي , ته خبر اها پوندي ته اهو پوليس مقابلو جڙتو ھو برحال اهي به ڳالهيون پراڻيون ٿي ويون هاڻ هر هڪ تقريبن پوليس پئي ڪري , بس عوام ڪو غريب انسان شل نه بک ڪري ڪا ماني ڪڪڙ چوري ڪري وڏيون وڏيون پريس ڪانفرنسون ڏسنداسين , صحافي به قلم استعمال ڪندا , پوليس پارٽي سان چورن لٽيرن ڦورن جو مقابلو ڏھن ڪيسن م گهربل فرضي نالو وٺي الڻ عرف الو چڪري مارجي ويو سندس ساٿي هٿيارن سميت گرفتار , ڪيترن ئي ڪيسن ۾ هي ڌاڙيل گهربل آھن , برحال ڪڙو سچ اهو آھي ته اهو الو پهريان کان ئي ڪڪڙ چوري م پوليس ڪنهن نجي جاء تي رکيو هوندو جڏھن پوليس کي الڻ عرف الو جا ساٿي پيسا نه ڏيندا صبح سوير يا شام جي پهر م مقابلو ٿيندو , ايس ايڇ او يا ان جا سپاه اهڙي چست وٺي ڳوليون هلائيندا جو وچ گوڏي ڍڪڻي م لڳندس , يار ظلم جي حد آھي هر ڪو غريبن مٿان ڇوهه ڇنڊيندو , جڏھن ته مان پوليس آفيسرن جي ڳالھ ڪيان ته جڏھن سنڌ جي ڀلوڙ سينئر صحافي ميمبر ڪراچي پريس ڪلب راهب ڳاهو سان هڪ محفل ۾ ملاقات ٿي جتي اي ڊي خواجه سنڌ جي ڏھيسر بيباڪ بهادر آفيسر سان ملاقات ٿي هئي , جڏھن ته ڊي آئي , غلام نبي ميمڻ , ايف آئي اي ڊي جي بشير ميمڻ , ھن وقت ڊي جي ايف آء اي ثناء الله عباسي , ڊي آئي جي ناصر آفتاب  سميت ڪيترائي بهترين پوليس آفيسر سيد پير محمد شاه , عرفان بلوچ , مسعود بنگس , ڪيپٽن اظفر مهيسر , سعود مگسي , غلام شبير سيٺار ,  ظفر اقبال ملڪ هاڻوڪو ايس ايس پي خيرپور  پوليس ملڪ ظفر اقبال , عمران قريشي عمر طفيل , ابرار احمد , ساجد کوکر  حسن سردار دستي , ڪيترائي بهترين آفيسر سنڌ جي مختلف ضلعن م رهيا آھن , جن تي فخر ڪيون ٿا , هن وقت خاص سنڌ اندر جتي سماجي برائين م اضافو ٿيو آھي اتي منشيات , هيئروئن , ڀنگ , چرس, آفيم , آئس , ڪرسٽل ميٿ  شراب سميت ڪيترائي نشا منشيات عام هلي رهي آھي , جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته لکين روپيا منشيات جي مد م هر روز ڏنا ٿا وڃن جڏھن ته سنڌ جا تعليمي اداره , مڪمل تباه نوجوان پڙھڻ ڪا انڪاري ٿي چڪا آھن , هاڻ ته ڪڙو سچ اهو به آھي ته مختلف گادي نشين آئيس ڪرسٽل چرس آفيم هيئروئن پيڻ جا به الزام عائد ٿيا آھن ,جڏھن ته پوليس اهلڪارن جي ان ڪاروبار م ملوث ھئڻ جا پڻ ڪافي سوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا تي خبرون ڏسي رهيا آھن برحآل پهريون انڪشاف وفاقي وزيرداخله به انڪشاف ڪيو هو ته آئيس ڪرسٽل جهڙا نشا تعليمي ادارن م هلي رهيا آھن , ء هاڻ منشيات جو وڪرو شاگردياڻيون ڪري رهيون آھن سچ يا ڪوڙ  اداره تحقيقات ڪنديون ته معلوم ٿيندو ته سچ آھي يا ڪوڙ , , برحآل مان سنڌ جي پوليس جي ڪارڪردگي مان مطمئين ناهيان , جيڪڏھن سوشل تي منشيات وڪرو جي ڳالھ ڪيان ته ٻين ضلعن تعلقن سميت ٽائون يونين ڪائونسلز م به ڪروڙين روپين جي منشيات جي وڪري جون ڳالهيون هلي رهيون آھن , ڪجھ ته حقيقت به هوندي , پوليس جي خاموشي تي ڪيترائي سوال پيدا ٿي رهيا آھن , مان عرض ڪيان راڻيپور م به منشيات وڪرو ٿيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آھن موت مار گٽڪه , سفينه , سپارين سميت ڪيتريون ئي سپاريون رانيپور جي هر هڪ تقريبن هلي رهيون آھن , اها به باخبر ذريعن ٻڌايو ته رانيپور م هر روز ٽرڪ يا ٽريلو منشيات جو اچي ٿو ۽ جتي جتي پيسا ڏيڻا آھن اتي آساني سان پهچن ٿا , ڪنهن نالو نه ٻڌائيندي انڪشاف ڪيو ته هر روز منشيات ٽرڪون اچن ٿيون , مختلف ڪارين م منشيات جا ٻورا وجهي دڪاندارن منشيات فروشن کي پهچايون وڃن ٿيو , اڪثر منشيات وڪرو ڪندڙ سنئر صحافي آھن جن جا لکين روپين جا ڪاروبار هلن ٿا , جيڪڏھن اڃان به منشيات فروشن کي ڍر ڏني وئي ته اسان جا نوجوان منشيات واپرائي موالي ته ٿيندا پر نسل تباه ٿيندا, هڪ نوجوان سماجي برائين م مبتلا ٻيو نشي جا عادي , نقصان ڪنهنجو ٿيندو , اهو سوال آهي جواب ڏيو يا لڪايو , پيسا وٺي ضمير جو سودو ڪيو يا پنهنجو نسل بچايو , جيڪڏھن سوال ته سماجي برائين , منشيات وڪرو ڪرڻ م پوليس ملوث هجي پوء اسان وٽ ڇا بچندو , ائين ته ناهي ته سنڌ جي نوجوان کي هٿ سان منشيات سماجي برائين ۾ ڦاسائي سنڌ جي شعور کي تباه ڪرڻ گهرن ٿا , اسان اهو به اڪثر ڏٺو آھي ته جتي ڪٿي پوليس منشيات پهچائين ٿا , هڪ مثال ته رينجرس جي چيڪنگ پوليس کي هٿيارن منشيات سميت گرفتار ڪري هڪ تاريخ رقم ڪئي اها آھي سنڌ پوليس مٿان ڪيترائي الزام آهن جن جو جواب پوليس آفيسر به نه ٿا ڏيئي سگهن ، نمان جڏهن راڻيپور جو مٿال ڏيان ته اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو اهي ته ڪروڙين روپين جي کيپ جنهن م خاص سفينه سوپاريون ٻيون به موت مار پهچي ويون آهن اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هوٽلن دڪانن اسڪولن درباڙن درگاهن تي به آئيس ، ڪرسٽل آفيم چرس هيرئن ، ڀنگ گٽڪه عام وڪرو ٿي رهيا آهن جيڪي وڪرو ڪن ٿا اهي هر روز منشيات وڪرو ڪرڻ لاء هر روز منٿلي ڏين ٿا انهن جون روز ٿاڻن تي حاضريون آهن ، برحال هي پهرئين قسط آهي ٻي قسط جيڪي به جنهن طريقي سان منشيات وڪرو ڪن ٿا ڪير ڪير ملوث آهن انهن کي به بي نقاب ڪيو ويندو ، جن ۾ معتبر شخصيتون صحافي سماجي اڳواڻ پوليس اهلڪار به شامل آهن  ، مان پنهنجو فرض سمجهي پوليس جي بهترين اعلي آفيسرن ،  انهن جيڪي منشيات جو خاتمو چاهين ٿا  انهن تائين به سڌ ڏيئي رهيو آهيان جڏهن ته سنڌ مدد گار فورم سرواڻ ايڊوڪيٽ ڪمال تالپر ان جي ٽيم پڻ منشايت جو نوٽيس ورتو آهي جڏهن ته ٻين عوامي اتحاد راڻيپور راڻيپور شهري فورم ، هيومن رائيٽس پيس آف سنڌ ڪيترائي سماجي رهنما  فقير محمد عباسي ، سميت ٻيا به چاهين ٿا ته منشايت جو ڪاروبار ڪندڙن کي جلد پڪڙي هٿڪڙيون هڻي ، قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو