منشيات ، ڏوهن جي خاتمي لاء سهڪار جو طلب گار

منشيات ، ڏوهن جي خاتمي لاء سهڪار جو طلب گار

سيد زوار حسين شاه
سنڌ جتي اڄ به امن امان جي صورت حال بهتر نه پيا ڏسئون ، پر ڪيترن ئي ضلعن ۾ بهترين آفيسرن جي مقرري بعد امن امان به بهتر ٿيو آهي ته سماجي برائين جو به مڪمل خاتمي لاڀ ڪوشان آهيون بس عوام جي سهڪار جا طلب گار آهيون ، سنڌ جي ٻين ضلع کان تمام گهڻو منفرد ۽ مختلف ضلع خيرپور پکيڙ جي لحاظ کان ڪافي اهميت رکي ٿو جڏهن ته اٺن تعلقن تي مشتمل ضلع خيرپور ۾ سياسي شخصيتن جو پڻ تمام گهڻو اثر اسوڪ آهي جڏهن ته پير آف راڻيپور ، پير پاڳاره سائين ، جيلاني خاندان ، وساڻ خاندان ، ٻانڀڻ ، به وڏي اهميت رکن ٿا ، جن سدائين ضلع خيرپور تي پنهنجي حڪومت قائم رکي آهي ، جڏهن ته ايم اينز جي لحاظ سان ميڊم ڊاڪٽر نفيسا شاه جيلاني ، ايم اين اي پير سيد فضل علي شاه جيلاني ، ايم ايم اي پير سيد جاويد علي شاه جيلاني ، ايم پي ايز جي به ڪافي لسٽ آهي ، ان سان گڏ جڏهن ته وڌيڪ آبادي هئڻ ڪري به امن امان قائم رکڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن آفيسرن کي تڪليف ٿئي ٿي پر هي واقعي خيرپور هڪ تاريخ رکندڙ ضلع آهي ، اهڙن خيالن جو اظهار ضلعي خيرپور جي يبباڪ بهادر آفيسر ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو صحافين ڪراچي پريس ڪلب جي راهب ڳاهو ،سٽي پريس ڪلب جي سيد زوار شاه انور ناريجو انساني تنظيم جي فقير محمد عباسي سان غير رسمي گفتگو ڪندي ٻڌايو ته شڪر الحمد الله مان منهنجي ٽيم ، آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ سميت هر شعبي سان تعلق رکندڙ بهترين سڀ تعاون ڪن پيا جڏهن ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پيو هن وڌيڪ چيو ته هن وقت جديد دور آهي ، سوشل ايڪٽويسٽ هر خبر تي ڪڙي نظر رکي رهيا آهن جتي به جيڪو به واقعو ٿئي ٿو سوشل ورڪر ، ايڪٽيويسٽ فون ڪڍي لائيو وٺن ٿا ۽ اسان سميت پاڪستان جي هر اداري کي فوري خبر پئجي وڃي ٿي ، پوء جنهن سان مسئلودرپيش هوندو ، ان حد جو آفيسر نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرائڻ شروع به ڪندو ، جڏهن ته جنهن وٽ موبائل آهي اهو بهترين صحافي آهي هاڻ هر هڪ صحافي ٿي ويو آهي سٽي پريس ڪلب جي صحافين پاران پڇيل سوال ته 100 فيصد ضلع خيرپور ۾ امن امان ڪيئن قائم ٿيندو ، جواب ڏيندي چيو ته جنهن جي دل ۾ خوف خدا هوندو ، اهو ايمانداري سان ڪم ڪندو عوام مڪمل سهڪار ڪندو ، جڏهن ته ٿاڻن تي بهترين فرض شناس آفيسر مقرر ڪيا وڃن ، جڏهن ته هن وقت جديد ٽيڪنالاجي ۽ فرض شناس آفيسرن جي همت جرئت دليري ضلع خيرپور ۾ امن امان جي صورت حال 80 سيڪڙو بهتر بڻائي آهي ، ايندڙ وقت م مڪمل امن امان سان گڏ هر شهري ڳوٺاڻي کي تحفظ به مهيا ڪنداسين ، ويڊيو لنڪ ذريعي به پاڻ سان ٿيل ذيادتين بابت ڄاڻ ڏيئي سگهو ٿا ، ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان سٽي پريس ڪلب ، ڪراچي پريس ڪلب ، ۽ هيومن رائيٽس واچ پاڪستان جي اڳواڻن جو پڻ شڪريو ادا ڪندي چيو ته جتي به جيڪو به واقعو ٿئي ٿو جتي انسان ذات جي تذليل امن امان ، جان مال جي حفاظت ڪرڻ جي ڳالهه آهي اتي سچا صحافي انساني حقن جي تنظيمن جا فرض شناس دوست بهترين ڪم ڪن ٿا اسان يج مدد به ڪن ٿا ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان ڪراچي پريس ڪلب جي سينئر صحافي راهب ڳاهو ، سٽي پريس ڪلب جي صدر ڪالمنسٽ سيد زوار شاه ، انساني حقن جي اڳواڻ فقير محمد عباسي ۽ ٻين کي وڌيڪ ٻڌايو ته انشاء الله اهو وقت پري ناهي جو ضلع خيرپور ۾ 100 فيصد حالات بهتر ٿيندا ، پر جيڪي ڪجهه وقت اڳ رات جي پهر ۾ ٿيل ڏوهه آهن يا صحافين سان پيش ايندڙ مسئلا آهن انشاء الله سڀ حل ٿيندا بشرطه عوام ، صحافي ، سماجي رهنما سياسي مذهبي هر شهري اسان کي سماجي برائين ، منشيات فورشن ، آئيس ، آفيم ، چرس ، ڀنگ ، هيرئن هلندڙ آهي هو آگاهي ڏين نالو راز ۾ رکيو ويندو جيئن ڇاپا هڻي هن خطرناڪ بيماري ڪاروبار کي ختم ڪري سگهجي ، هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين جي پويان آهيون ، پنهنجي ننڊ ڦٽائي عوام جي تحفظ لاء ڪوشان آهيون بس صرف ضلعي خيرپور جي تمام دوستن جي سهڪار جي ضرورت آهي ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ فرض شناس آفيسرن جي همت جرئت دليري ضلع خيرپور ۾ امن امان جي صورت حال 80 سيڪڙو بهتر بڻائي آهي ، ايندڙ وقت م مڪمل امن امان سان گڏ هر شهري ڳوٺاڻي کي تحفظ به مهيا ڪنداسين ، ويڊيو لنڪ ذريعي به پاڻ سان ٿيل ذيادتين بابت ڄاڻ ڏيئي سگهو ٿا ، ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان تي عوام جو هاڻ اعتماد بحال ٿي رهيو آهي مان گذارش ڪيان ته مذهبي لحاظ کان به هي ضلع خيرپور وڏي اهميت رکي ٿو ، چوڻ جو مقصد ته ضلع خيرپور ۾ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي امن امان يج صورت حال بهتر ناهي رهي ، جڏهن ته ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته بهترين ايس ايس پي خيرپور مقرر ٿيا آهن هر هڪ پنهنجو فرض ادا ڪيا ، پر ڳالهه اها ئي ايندي ته پوء به خيرپور ڪنهن بهترين آفيسر لاء چيئلينج کان گهٽ ناهي ، پر گذارش ڪندس ته ڪجهه مهينا اڳ بدلي ٿيل ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال کان بعد نوجوان بيباڪ بهادر ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کي خيرپور لاء مقرر ڪيو ويو ، جڏهن ته دانش مند ، عقل فهم استعمال ڪري بهترين ڪردار رکندڙ شخصيت ٿوري عرصي ۾ تاريخي ڪم ڪيا بهترين ڪاميابيون پڻ مليون ، جنهن ڪري به ڪافي پذيرائي پڻ ملي آهي ، خاص ڪراچي کان سوات لاء ويندڙ ڪوچ جنهن کي هنگورجا لڳ ڪوچ ، مسافرن کي يرغمال بڻائي سيٺارجه جي حد ڌيپارجه ڇڏي لٽ مار ڪري فرار ٿي ويا ، جنهن لاڀ ڪيترن ئي ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ اوز کي سخت هدايت ڪئي ته ناڪه بند ٿي ، مختلف ڳوٺن تي چڙهائي ٿي ، ڪجهه ڦر ڪندڙ گرفتار ٿيا ڪجهه فرار ٿيا جڏهن ته راڻيپور لڳ نو لکي وٽ ڪوچز کي ڦر ڪندڙن سان مقابلي بعد سوات ڪوچ ماسٽر مائينڊ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو ، جڏهن ته ان کان اڳ موٽر سائيڪلون چوري ڪندڙ گينگ گرفتار ڪئي جنهن ۾ ون فاء انچارج ممتاز اڄڻ ۽ ٻين جو به ڪردار رهيو ، ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون ، لٽيل دولت ڦر ٿيل سامان به واپس ڪرايا آهن سلام پيش ڪيون ٿا ، جڏهن ته سٽي پريس ڪلب جي صحافين جون موٽر سائيڪلون ،موبائل فونز به چوري ٿيا پر انهن جي واپسي جو انتظار آهي ، جڏهن ته جهنڊو مشاخ يوسي جي حد مان هڪ معزز بهترين شخصيت منظور حسين عابسي جي زمين تي قائم واڙي تان 13 ڌور ، نوڪرن کي ٻڌي زمين ۾ ڦٽو ڪري ڪاهي ويا ،23 ڏينهن گذري ويا جيڪا اڃان به ڳجهارت بڻيل آهي جڏهن ته منظور حسين عباسي ٻڌايو ته ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو ، ايس ايڇ او ڪنب محمد اسلم لغاري ان ڏوهه جي ويجهو پهتل آهن جلد خوش خبري ملندي ، مان عرض ڪيان ته امن امان جي صورت حال بهتر ڪيئن نه ٿيندي ، عوام جو اعتماد پوليس تي بحال ٿي چڪو آهي ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو مسڪرائيندي چيو ته جتي ڪو به آفيسر رب پاڪ جو خوف دل م رکي ڪم ڪري ته سڀ رب پاڪ پاڻ آسانيون پيدا ڪندو آهي ، مان ضلعي خيرپور کي امن امان جي لحاط سان تاريخي بنائيندس ، بس عوام شهري اسان مٿان اعتماد ڪن ، جتي به منشيات . سماجي برائيون هلندڙ هجن في الفور آگاهي ڏين ، ان جو نالو ظاهر نه ڪيو ويندو ، پر اسان ان کي به مڪمل تحفظ مهيا ڪنداسين هن وڌيڪ چيو ته منشيات ، ڏوهن ، سماجي برائين جي خاتمي لاء شهري سماجي اڳواڻ ورڪر ، صحافي مڪمل سهڪار ڪن پوء ڏسو ته امن امان ڪيئن بحال ٿئي ٿو بس سهڪار جا طلبگار آهيون ، رهنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو