لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻ چوڌري سرور چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ به جمهوري سياسي پارٽي ناهي.ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته 13 آگسٽ تي اسيمبلين جو وقت ختم ٿي رهيو آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته چونڊن ۾ هڪ ڏينهن جي به دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته چونڊيل ماڻهو هڪ پارٽي کان ٻي پارٽي ۾ ويندا آهن ۽ سياسي اڳواڻ پارٽي بدران پاڻ کي مضبوط ڪندا آهن. چوڌري سرور اهو به چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ مڪمل منشور ڏيڻ چاهيون ٿا.










