ملڪ ۾ شب معراج مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو

ملڪ ۾ شب معراج مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ اڄ شب معراج جو ڏهاڙو مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو. عالم اڄ سموري ملڪ جي مسجدن ۾ شب معراج جي عظمت ۽ فضيلت تي روشني وجهندا.جامعه نعيميه لاهور جي مهتمم ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي ٻڌايو ته رسول ڪريم صه کي شب معراج  تي رب پاڪ نماز جو تحفو ڏنو ۽ ان کي معراج مومن سان تشبيهه ڏني. منهاج القرآن جي اڳواڻ محمد لطيف مدني چيو ته  شب معراج ۾ رب پاڪ جي قدرت جون عظيم نشانيون موجود آهن. جڏهن رب پاڪ پنهنجي محبوب پيغمبر کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکارڻ جي لاءِ گهرايو ته ان ۾ ڪيترو وقت لڳو هوندو ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي.هن مبارڪ رات ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ نفل نماز پڙهي ڪورونا توڙي ٻين بيمارين کان ڇوٽڪاري ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون. مسلمان گڏيل طور تي مسجدن توڙي گهرن ۾ خصوصي عبادتون ڪري پنهنجي رب پاڪ کي ريجهائيندا  ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي لاءِ دعائون گهرندا.ڀلاري رات جي حوالي سان  سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مسجدن توڙي گهرن کي روشنين سان سجايو ويندو. سج لٿي ۽ سمهاڻي جي نماز کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ عبادتگاهن توڙي گهرن م خصوصي عبادت جو سلسلو شروع ٿي ويندو. جيڪو فجر تائين جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو