ملڪ جي زرعي پيداوار ۽ اسٽريٽجڪ ريزروو جو هجڻ ڇو ضروري آ۔

ملڪ جي زرعي پيداوار ۽ اسٽريٽجڪ ريزروو جو هجڻ ڇو ضروري آ۔

رحمت الله ٻرڙو
تازو هڪ خبر آھي آھي ته ڪڻڪ وڪرو ڪيو نہ تہ گودامن ۾ پيل 150 ارب روپين جي ڪڻڪ خراب ٿي ويندي.خوراڪ کاتي طرفان وزيراعلي کي خط لکي ميار لاٿي وئي.ھاڻ وزيراعلي چوندو پراڻي ڪڻڪ ئي پئي آھي تہ نئين ڪڻڪ ڪيئن خريد ڪريون؟ ڏيڍ سؤ ارب روپئي جي ڪڻڪ کي مدي خارج قرار ڏئي مال جو چارو ڪندا،مطلب ڏيڍ سؤ ارب روپيا کائي نئي ڪڻڪ جي خريداري لاء وري نئون قرض کڻندا. ڪا رٿابندي ڪانھي. ڄڻ ته ملڪ نا اھلن،بي ايمان ۽ بدعنوانن جي ور چڙھي ويو آھي.جڏھن نئين ڪڻڪ لھي تہ ضلع بندي ۽ صوبا بندي جي پابندي.لاڳيتو موسم جي تبديلي.فصلن جا گھٽ اگھ.پاڻي جي کوٽ،ڀاڻ،تيل ۽ زرعي دوائن جي مھانگائي سبب زراعت مڪمل تباھ ٿي وئي آھي.%90 ماڻھن جو سڌو ۽ اڻ سڌو زراعت تي گذر آھي.زراعت جي تباھي سبب اڪثريت ماڻھو پنڻ،ليلائڻ،محتاج ۽ ڳيجھو ٿي ويا آھن . باقي چورين.ٺڳين.سماجي براين ۽ منفي سرگرمين ۾ مبتلا آھن.
حڪومت پاڪستان هن وقت تائين ڪڻڪ خريداريء جي ڪا به واضع پاليسي ناهي ٺاهي.نه ته ڪو اگھ مقرر ٿيو آھي ۽ نه ئي ڪا پريڪريومنٽ پاليسي سامهون آئي آھي،ايتريقدر جو اڃا تائين ڪو ٽينڊر جاري ناهي ٿيو.!! ڇو ته مارچ جي پهرين هفتي کان ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندي.ڪڻڪ جو اگھ مقرر نه ڪرڻ،ڪپھ جي فصل جو مناسب اگھ نه ٿيڻ،ڪمند جي پوکائيء تي ڪمند جو اگھ آبادگار کي نه ملڻ انتهائي وڏي زيادتي آھي.ايئن چئجي ته ڄڻ هيء زراعت دشمن پاليسي آھي ته غلط نه ٿيندو.پوري دنيا پنهنجي روايتي زراعت جي طريقن مان جديد زرعي طريقن کي اپنائيندي وڌ کان وڌ زرعي پيداوار کڻي پاڻ کي عالمي زرعي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي رهي آھي. پر پياري ملڪ پاڪستان جو وڏو حصو زراعت ۽ زرعي پيداوار تي آھي پر هتي حڪمران طبقي جي غلط زراعت دشمن پاليسين ۽ واپارين جي ملي ڀڳت ڪري لوڪل هاري توڻي آبادگار تمام وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آھي.
ها، بلڪل! پاڪستان جهڙي زرعي ملڪ لاءِ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ رزرو (Strategic Food Reserves) جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.ان لاء بنيادي نقطو اهو آھي ته ملڪ جي زرعي پاليسين جو جائزو،ملڪ جي زرعي صورتحال،زرعي پوکائيء کان ويندي زرعي جنسن جي اهميت کي جاچڻ ضروري آھي.
اسٽريٽجڪ رزرو جي اهميت.خوراڪ جي دستيابي جي ضمانت، ملڪ اندر قدرتي آفتون (جهڙوڪ ٻوڏ، ڏڪار، يا ٻيون هنگامي حالتون) ٿين ته اسٽريٽجڪ رزرو جي ذريعي خوراڪ جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
قيمتن تي ضابطو، جيڪڏهن مارڪيٽ ۾ کوٽ پيدا ٿئي، ته حڪومت اسٽريٽجڪ ذخيرا جاري ڪري سگھي ٿي، جيئن خوراڪ جي قيمتن ۾ استحڪام اچي.
ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري،ڪنهن به عالمي بحران، واپاري پابندين يا جنگ جي صورت ۾ جيڪڏهن خوراڪ جي فراهمي متاثر ٿئي، ته اسٽريٽجڪ ذخيرا ملڪ کي خودمختيار بڻائيندا.
غريب طبقي جي مدد،اسٽريٽجڪ ذخيرا سبسڊي جي صورت ۾ غريب طبقي کي مهيا ڪري سگهجن ٿا، جيئن کوٽ جي صورت ۾ عام ماڻهو بُک ۽ مهانگائي کان بچي سگهن.
پاڪستان ۾ خوراڪ جي اسٽريٽجڪ رزرو بابت صورتحال۔پاڪستان ۾ ڪڻڪ، کنڊ ۽ چانور ۽ دالين سميت ٻين زرعي جنسن جا ذخيرا موجود هوندا آهن،پر گهڻن معاملن ۾ ذخيره ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ آهي،مناسب گدام، ٿڌا اسٽوريج،۽ جديد طريقي سان اسٽوريج جي کوٽ آهي.
انتظامي مسئلا آهن، بدانتظامي، ڪرپشن، ۽ ناقص منصوبابندي جي ڪري ذخيرا بروقت استعمال نه ٿيندا آهن.
موسمي تبديلي جا چئلينج،پيداوار تي موسم جا اثر پوندا آهن،پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط پاليسي جي کوٽ آهي.
ان سلسلي ۾ هيٺ ڪجھ تجويزون ڏجن ٿيون۔
جديد اسٽوريج سهولتون ٺهڻ گهرجن،وڏن شهرن ۽ زرعي علائقن ۾ جديد سائلو (Silos) ۽ ٿڌا اسٽوريج ٺاهڻ ضروري آهن.
مؤثر انتظام، اسٽريٽجڪ رزرو جو نظام شفاف بڻائڻ ۽ بدانتظامي کان بچڻ لاءِ ڊجيٽل مانيٽرنگ ۽ خودمختيار ادارو قائم ڪرڻ گهرجي.
خانگي شعبي سان سهڪار ، خانگي سيڪٽر جي شموليت سان خوراڪ جي ذخيري کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
وڌيڪ جنسن کي اسٽور ڪرڻ ،گندم ۽ کنڊ سان گڏ چانور، دالون، ۽ کاڌي جون ٻيون بنيادي شيون اسٽريٽجڪ رزرو جو حصو بڻائڻ گهرجن.
تڪڙو جاري ڪرڻ وارو ميڪانيزم ،هنگامي حالتن ۾ ذخيرا عام ماڻهن تائين جلدي پهچائڻ لاءِ هڪ موثر ورهاستي نظام ٺاهڻ گهرجي.
پاڪستان جي خوراڪ واري تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ فوڊ رزرو جو مضبوط نظام قائم ڪرڻ لازمي آهي. بهتر پلاننگ، جديد اسٽوريج، ۽ شفاف انتظام سان نه رڳو خوراڪ جي کوٽ کان بچي سگهجي ٿو، پر مهانگائي تي به ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.هن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ملڪ ۾ ڪا نئي زرعي پاليسي ٺاهي زرعي لحاظ کان ملڪ کي پاڻڀرو ڪرڻو پوندو۔ زرعي ملڪ آھي جي زراعت کي هٿي نه ملندي ته سڀاڻي ڪو به بحران خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو.زراعت سان لاڳاپيل حلقن کي اهميت نه ملندي ته پوء ملڪ ڪنهن وقت به زرعي لحاظ کان کاڌ خوراڪ جي گهٽئائي جو شڪار ٿي بحران جو شڪار ٿي سگهي ٿو.موجوده حڪمرانن جي زراعت سان عدم دلچسپي ڏسندي،هارين ۽ آبادگارن سان زرعي لحاظ کان نارروا سلوڪ ڏسندي اهو يقين سانچئي سگهجي ٿو ته ملڪ زرعي مسئلن سبب ڪنهن ڏڪار جو شڪار ٿي حڪمرانن لاء وبال بڻبو.ملڪ جي حڪمرانن ۽ خاص طور حڪومت سنڌ جي زميوارن کي کپي ته زرعي پاليسي بهتر بڻائي زرعي تحقيقاتي ادارن تي ڌيان ڏين،زراعت جي جدت کي اپنائڻ لاء آسان پاليسي اختيار ڪن.ملڪ۾ موجوده زرعي زخيرن ۽ جنسن کي اسٽور ڪرڻ،اسٽريٽجڪ زخيرن تي ڌيان ڏيڻ.جيڪڏهن نه ته پوء هي جي اڀ ۾ ڏاٽا اڀا ٿي پيا ته پوء چوڏينهن جا چنڊ اڀرندي دير ڪونه ڪندا.خاص طور تي جڏهن آبادگار حلقن سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو ته هنن انتهائي ڏک جو اظھار ڪندي چيو ته حڪمرانن جي غلط زرعي پاليسين جو ۽ زراعت جهڙي اهم شعبي سان عدم دلچسپيء سبب اسان جي زراعت ۽ آبادگار جي اهميت کي نقصان رسيو آھي.زرعي جنسن جو ڪو خاص اگھ نٿو ملي ۽ ساڳيون زرعي جنسون واپاري مارڪيٽ ۾ مهانگيون ٿو وڪڻي.آبادگار بورڊ کان ويندي هاري طبقو چوي ٿو ته اسان کي وڏي تحريڪ هلائڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي.ٻي صورت۾ عام طور پاڪستان ۾ خصوصي طور سنڌ حڪومت کي کپي ته هڪ اهڙو خود مختيار ادارو جوڙيو وڃي جيڪو زرعي تحقيقاتي ادارن جي ايمانداراڻي سنڀال ڪري سگهي.ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي زرعي يونيورسٽين مان زرعي ماهرن کان تحقيق ڪرائي نيون زرعي ۽ فائديمند گهٽ پاڻيء واريون جنسون متعارف ڪرايون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو