نائيجيريا(ويب ڊيسڪ) نائيجيريا جي صدر جي پٽ جي ملڪ جي ناليواري مذهبي اڳواڻ جي ڌيءَ سان شادي ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏي شاهي تقريب قرار ڏني وئي آهي، ملڪ جي اترين شهر ڪينو ۾ هوائي اڏو نجي جيٽ جهازن سان ڀرجي ويو.

يوسف بُهاري ۽ زهره ناصر جي ملاقات برطانيا جي سري يونيورسٽي ۾ ٿي جتان پريم جا پيچ پيا ۽ شادي ڪئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب هي تمام وڏي تقريب هئي جنهن ۾ ملڪ جي هر شعبي جي امير ترين هڪ هزار کان مٿي مهمانن شرڪت ڪئي.











