لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي 10 ارب رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عبدالقادر پٽيل 15 ڏينهن اندر پنهنجا الزام واپس وٺي ۽ عمران خان کان غير مشروط معافي گهري. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عبدالقادر پٽيل 10 ارب رپيا هرجاڻي طور ادا ڪري، جيڪي شوڪت خانم اسپتال ۾ جمع ڪرايا ويندا. ياد رهي ته عبدالقادر پٽيل ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان جي سرڪاري اسپتال م ڪيل ميديڪل ٽيسٽ جي رپورٽ شيئر ڪندي چيو هو ته عمران خان کي ٽنگ ۾ ڪو فريڪچر نه هو، سندس رت ۽ پيشاب جي نمونن ۾ ڪوڪين ۽ شراب پيتل هو ۽ دماغي طور به فٽ نه هو.










