مس يونيورس جي مقابلي ۾ فلسطيني حسينه جي شموليت

مس يونيورس جي مقابلي ۾ فلسطيني حسينه جي شموليت

دبئي (ويب ڊيسڪ)فلسطين جي پهرين خوبصورتي راڻي مس يونيورس مقابلي ۾ حصو وٺڻ لاءِ ميدان ۾ لهي وئي آهي.فلسطيني نسل جي ۽ گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ مس نادين ايوب مقابلي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو آهي.نادين ايوب چيو آهي ته سندس وطن، خاص طور تي غزه، صدمي ۾ آهي، ۽ هوءَ اهڙن ماڻهن لاءِ آواز بڻجي رهي آهي جيڪي خاموش رهڻ کان انڪار ڪن ٿا.هوءَ چوي ٿي ته هوءَ هر فلسطيني عورت ۽ ٻار جي نمائندگي ڪري ٿي جنهن جي همت ۽ عزم دنيا کي ڏيکارڻ گهرجي. مس يونيورس مقابلو نومبر ۾ ٿائيلينڊ ۾ منعقد ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو