ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڇا بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ٻئي ٻار کي جنم ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ جواب ۾ هن پنهنجي مستقبل جو منصوبو ٻڌايو.31 ورهين جي عاليا ڀٽ 2022ع ۾ رنبير ڪپور سان شادي ڪئي ۽ ساڳئي سال سندن پهرين ڌيءَ راها جو جنم ٿيو، جيڪا ڪجهه ڏينهن ۾ 2 سالن جي ٿيندي.اداڪارا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 2012ع ۾ فلم اسٽوڊنٽ آف دي ايئر سان ڪئي، 12 سالن کان وڌيڪ فلمي دنيا ۾ گذارڻ کانپوءِ هوءَ اداڪاري سان گڏ فلمسازي پڻ ڪري رهي آهي.عاليا ڀٽ جي فلم جگرا 11 آڪٽوبر تي رليز ٿي رهي آهي، ان حوالي سان عاليا ڀٽ ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ پنهنجي مستقبل جي منصوبن بابت کليل نموني ڳالهايو.جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا هوءَ رنبير ڪپور سان گڏ ٻئي ٻار کي جنم ڏيڻ لاءِ تيار آهي ته اداڪارا جواب ڏنو ته مون کي ان کان وڌيڪ اميد آهي.عاليا ڀٽ اعتراف ڪيو ته هوءَ مستقبل ۾ وڌيڪ ٻار چاهي ٿي، هوءَ وڌيڪ سفر ڪرڻ چاهي ٿي ۽ هڪ اداڪار ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان فلمون ڪرڻ چاهي ٿي.










