خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسين ته اسان کي اھڙا کاھوڙي ڪردار چر پر ڪندي سياسي سماجي ميدان ۾ نظر ايندا جن پنھنجي سموري حياتي سياست کي ارپي ڇڏي انھن دولت ڪمائڻ بدران عزت ڪمائي تاريخ جي صفحن تي ھميشه جي لاء امر ٿي ويا جن کي اڄ به ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو .سندن ڏينھن ۽ ورسيون ملھايون وڃن ٿيون جيڪي عوام جي دلين تي راڄ ڪن ٿا ۽ خاص طور تي پيڙھيل طبقي جي اڳواڻي ڪندي پنھنجو مان مٿانھون ڪيو آھي اھڙن کاھوڙي ڪردارن ۾ جن کي مزدورن جي عالمي ڏينھن تي ياد ڪيو وڃي اھڙن ڪردارن ۾ ڪامريڊ غلام رسول سھتو جو ڪردار نمايان آھي .ڪامريڊ 1948ع ۾ سنڌ جي سياسي مرڪز محراب پور ۾ جنم ورتو جيڪا ڪامريڊن جي ڌرتي آھي
ورھاڱي کان پوء جڏھن سنڌ ۾ سياسي ھلچل شروع ٿي ته ڪميونسٽ پارٽي پنھنجون سرگرميون سنڌ ۾ شروع ڪيون انھن ڪميونسٽ اڳواڻن سنڌ ۾ شاگرد سياست کي متحرڪ ڪرڻ لاء سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو قيام عمل ۾ آندو .1968ع ۾ ڪامريڊ ان شاگرد تنظيم جو عھديدار چونڊيو ويو جنھن جو صدر ڪامريڊ ڄام ساقي ھو .,1969ع ۾ اليڪشن وقت ووٽر لسٽون سنڌي ٻولي ۾ شايع ڪريو تحريڪ شروع ٿي ته ڪامريڊ ان اھم مسئلي تي حيدرآباد ۾ مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال شروع ڪئي جن ۾ امداد اوڍو .اختر بلوچ احمد خان جمالي اسمعيل وساڻ .عزيزالله ميئڻ ۽ ٻيا شاگردشريڪ ٿيا .گرفتاريون ٿيون ته ڪامريڊ سھتو کي به ٻين اڳواڻن سان گرفتار ڪيو ويو .
1976ع ۾ خيرپور۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي ڪنوينشن گھرايو ويو جتي کيس مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو .
1977ع ۾ شاگرد سياست کان پوء سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ سرگرم ٿي ڪري جدوجھد ڪرڻ لڳو .سنڌ ۾ جڏھن جمھوريت جي بحالي جي تحريڪ ايم آر ڊي جي شروعات ٿي ته پاڻ ان ۾ وڌي چڙھي حصو ورتائين ۽ ڪيترا سال روپوشي واري زندگي گھاريائين جو سندس سياسي سفر جا ساٿي جيل جي حوالي ٿي تشدد جي ڪري ماريا ويا ۽ ڪي وري سياست ڇڏي خاموشي اختيار ڪري چڪا ھئا سندس ويجھو ساٿي ڪامريڊ نظير عباسي ڳجھن ادارن جي ھٿان شھيد ٿي ويو جنھن کي ڪراچي جي ڪميونسٽ اڳواڻن اردو آبادي واري قبرستان سخي حسن ۾ دفنائي ڇڏيو .
ڪميونسٽ پارٽي ۾ گروپ بندي ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي تمام گھڻا ڪميونسٽ اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا روس جي ٽٽڻ سان خطي جي ڪميونسٽن تي وڏو اثر پيو جو اھي به پاسيرا ٿي ويا .ڪامريڊ انھي سلسلي ۾ وڏي جدوجھد ڪئي ته ڪھڙي به طريقي سان ڪميونسٽن کي ھڪ پليٽ ڦارم تي آندو وڃي ان لاء پاڻ تمام ڪوششون ورتائون پر مفاد پرستي ۽ انا پرستي گھر ڪري چڪي ھئي آخرڪار ڪامريڊ کي به واپس ورڻو پيو ۽ سياست کي ڇڏي صحافت ڏانھن قدم رکيائين
ڪراچي ۾ جڏھن ڪمپيوٽر تي پھرين سنڌي اخبار عوامي آواز شروع ٿي ته پاڻ ان جو حصو ٿي امداد اوڍي سان گڏجي صحافت جي خدمت ڪرڻ لڳو .
1995ع ۾ حيدرآباد شفٽ ٿي اتان روزنامه سنڌ نالي سان اخبار شايع ڪرڻ لڳو جنھن ۾ ٻيا به ڪامريڊ دوست شامل ھئا جتي صحافت ۾ ڪامريڊ پنھنجي سڄي جمع پونجي ختم ڪري ڇڏي صحافت ۾ به بحران ۽ ڪرپشن وڌڻ لڳي ته پاڻ به صحافت کان علحيدگي اختيار ڪيائين .سندس سموري زندگي جدوجھد ۾ گذري ٿمام گھڻيون تڪليفون ۽ اذيتون برداشت ڪيائين .مسلسل ٿڪاوٽ بيماري جي ڪري بستر ڀيڙو ٿي پيو جتي سندس مناسب علاج نه ٿي سگھيو آخرڪار بيمارين سان جنگ ڪندي 3 اپريل 2021ع تي ھي فاني دنيا ڇڏي ھميشه جي لاء امر ٿي ويو ۽ اڄ به لکين باشعور عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو سندس ڪيل جدوجھد خاص طور تي مزدورن ھارين جي لاء ڪيل ڪمن کي اڄ به ياد ڪيو وڃي ٿو تاريخ ۾ ڪامريڊ جي نالي سان مشھوري ماڻي آھي سندس عملي جدوجھد اسان جي لاء مشعل راه آھي جنھن مان تمام گھڻو پرائي سگھجي ٿو .










