مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير لاءِ اميدوار هوندي، گڏجي حڪومت ٺاهينداسين

مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير لاءِ اميدوار هوندي، گڏجي حڪومت ٺاهينداسين

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي، متحده قومي موومينٽ، مسلم ليگ (ق)، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان عوامي پارٽي گڏيل حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي رهائشگاهه تي ملڪي سياسي پارٽين جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آصف زرداري، شهباز شريف، خالد مقبول صديقي ۽ صادق سنجراڻي شرڪت ڪئي.ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته هنن گڏجي حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هو چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ کي به مفاهمتي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، اسان جي ڪا به نظرياتي مخالفت ناهي.هن چيو ته ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ اقتصادي ايجنڊا تي سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو، چونڊن ۾ مخالف ڌريون هونديون آهن پر اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي ته هن اڳ به شهباز شريف جي حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين، اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي بهتر صورتحال ڏانهن وٺي هلنداسين.صادق سنجراڻي چيو ته ميان صاحب سان گڏ هئاسين، بيٺا آهيون.اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چونڊن ۾ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ جو مرحلو ختم ٿي ويو آهي، هاڻي پارليامينٽ اچڻ واري آهي، معيشت کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف مريم نواز کي پنجاب جي وڏي وزير بڻائڻ جو اعلان ڪيو آهي.هن چيو ته پارٽي ۽ نواز شريف جي مشاورت سان مريم نواز کي وڏي وزير جي اميدوار بڻايو ويندو.هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ پنجاب ۾ ن ليگ جي اڪثريت آهي.شهباز شريف چيو ته اسان جو اميدوار نواز شريف آهي، کيس درخواست ڪندس ته هو وزيراعظم جو عهدو قبول ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو