مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو باني هو، مقررن پاران ڀيٽا پيش

مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو باني هو، مقررن پاران ڀيٽا پيش

نواب شاه (رپورٽ: اي ڪي ڏاھري) جهڙيءَ طـرح يورپ ۾ سجاڳيءَ واري تحريڪ جو بنيادي هيرو فرانسيسي ڏاهو ريني ڊيڪارٽ (Rene Descartes)هو، ساڳيءَ طرح اسان وٽ سنڌ جي سجاڳيءَ واري دور جو بنيادي هيرو، مرزا قليچ بيگ هو. ريني ڊيڪارٽ، ثنويت پسند هو. هُن مادي دنيا ۽ ذهن جي دنيا کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهايو. مادي دنيا کي سمجهڻ جا ذريعا عقل، حواس ۽ تجربو هئا جن جي بنياد تي سائنسي علم وجود ۾ آيا. اهڙن خيالن جي اظهار شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي، بينظيريونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران سنڌ جي شيڪسپيئر مرزا قليچ بيگ جي 167 جنم ڏينهن جي موقعي تي سندس سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب لا۽ ڪيل خدمتن جي عنوان سان ٿيندڙ سيمينار کان پو۽ شاگردن ۽ استادن سان ڳالهائيندي ڪيو.

Photo Sindhyar

هن وڌيڪ چيو ته مرزا قليچ بيگ سنڌي نثر کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، مرزا صاحب جي شخصيت جا ٻه اهم پهلو اسان جي سامهون اچن ٿا . هڪ سندس شخصيت جو معروضي پهلو ۽ ٻيو سندس شخصيت جو داخلي پهلو. معروضي حصي ۾ هو نثر نگار هو، جنهن ۾ هو شيڪسپئر، وڪٽر هيوگو، فرانسز بيڪن جهڙن اديبن کي ترجمو ڪري رهيو هو. ساڳئي طبع زاد ناول لکي سنڌ ۾ جديد ادبي صنفن کي متعارف ڪرائي رهيو هو،  ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته اهي ترجما آهن يا طبع آزمائي؟ ان کان اڳ سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا چيو ته  ماڻهو مريو وڃن، پر سندن ڪم انهن جا يادگار رهجي وڃن ٿا. اڄ سنڌ جي ننڍڙي شهر ٽنڊي ٺوڙهي ۾ پيدا ٿيل انهيءَ بيحد اهم شخصيت جو جنم ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي قبر، پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ٺاهي ڇڏي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو انهيءَ قبر ۾ وڃي سمهي به پوندو هو! هن کي زندگيءَ جي بي بقا هجڻ جو اندازو هو، جنهن ڪري ئي ته هُو پنهنجي لاءِ کوٽيل قبر ۾ وڃي سمهي پوندو هو، پر تڏهن به هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حوالي سان ايتري خدمت ڪئي، جنهن جهڙو ڪو ٻيو مثال آهي ئي ڪونه. هو پنهنجو مثال بس پاڻ ئي آهي ۽ اهو بيمثال ماڻهو مرزا قليچ بيگ آهي.

Photo Sindhyar

سيمينار  کي خطاب ڪندي سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ سرڪاري نوڪري هوندي به سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کان ڳجهو نه آهي، سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمايي سان مالا مال ڪرڻ جو سهرو سندس ئي سر تي آهي. هن چيو ته مرزا صاحب نثر ۽ نظم جي صنفن تي طبع آزمائي هڪ ئي وقت ۾ ڪئي ۽ هر موضوع جي کوٽ کي پورو ڪيو. يورپ کان وٺي ايشيا تائين سمورن عالمن اديبن جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪيائين پوءِ انهن فلسفين ۽ عالمن جي ڪتابن کي سنڌي روپ ڏنائين توڙي طبع زاد مواد به مهيا ڪيائين. سنڌيءَ جو پهريون طبع زاد ڊرامو ”ليلا مجنون“ 1880ع ۾ لکيائين. سنڌيءَ جو پهريون طبع زاد ناول ”دلارام“ 1888ع ۾ لکيائين جنهن کان ستت ئي پوءِ 1890 ع ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪندڙ ناول ”زينت“ لکيائين. شاهه جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل ”لغات لطيفي“ ٺاهيائين، هيءُ شاهه لطيف جي حوالي سان پهرين لغات آهي، آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ به سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون ڪتاب آهي، مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن کي سنڌي ادب جي پيڙهه چئجي ته غلط نه ٿيندو. ان موقعي تي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر امير شاه ۽ ڊين آف سوشل سائينسز پروفيسر ڊاڪٽر طيبه ظريف پڻ مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ادب لا۽ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي.

پهنجو تبصرو موڪليو