مدعي پاران ڪيس واپس، فرحان غني رها

مدعي پاران ڪيس واپس، فرحان غني رها

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سرڪاري ملازم تي تشدد جي ڪيس ۾ حراست ۾ ورتل چنيسر ٽائون جي چيئرمين فرحان غني سميت ٽن جوابدارن کي آزاد ڪيو ويو آهي.ٽائون چيئرمين فرحان غني ۽ ٻين خلاف تشدد ۽ ڌمڪين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي خاتمي واري انتظامي عدالت ۾ ٿي.ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل وقار عالم عباسي عدالت کي ٻڌايو ته مدعي سهيل ڪيس واپس وٺي ڇڏيو آهي ۽ فرحان غني سميت ٽن جوابدارن کي پوليس اسٽيشن مان آزاد ڪيو ويو آهي.جوابدار جي وڪيل چيو ته مدعي جاچ آفيسر کي هڪ تحريري درخواست جمع ڪرائي آهي ۽ جوابدارن کي آزاد ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.وڪيل چيو ته صرف جاچ آفيسر ئي جوابدار جي آزادي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو