مخصوص سيٽن بابت ن ليگ  جي درخواست تي فيصلو جاري

مخصوص سيٽن بابت ن ليگ جي درخواست تي فيصلو جاري

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت مسلم ليگ (ن) جي درخواست تي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت چيو ته آئين موجب مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف کڻڻ لازمي آهي، ۽ اسپيڪر کي حلف کڻڻ جي هدايت ڪئي، پر هو مختلف سببن جي ڪري ناڪام ٿيو.عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف نه کڻڻ اختيارن جو غلط استعمال آهي، ۽ حلف نه کڻڻ درخواست گذار کي سندس حق کان محروم ڪرڻ جي برابر آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڏايو ويو آهي، ۽ درخواست کي غير موثر قرار ڏنو وڃي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو