مختلف برادري جي 13 ماڻهن تي شهيد اهلڪارن جو ڪيس داخل

مختلف برادري جي 13 ماڻهن تي شهيد اهلڪارن جو ڪيس داخل

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) 2 ڏينھن اڳ دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ شھيد ٿي ويل ٻن پوليس اھلڪارن غلام حيدر ڀيو ۽ عنايت ڊيھو جي قتل جو ڪيس سرڪار جي مدعيت ۾  ايس ايڇ او دراني مھر ٿاڻو ۾ نبي بخش جکراڻي جي فرياد تي سبزوئي، تيغاڻي ۽ شر برادري جي 13 ماڻھن خلاف داخل ڪيو ويو آھي. پوليس ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ٽڪر ڏاڏو، بشير سبزوئي، علي خان ۽ جھرڪي تيغاڻي سميت ڏھن جوابدارن جي نالن سان ۽ ٽن جوابدارن جي اڻ سڃاتل طور ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آھي. ٻئي پاسي ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري سي آءِ اي انچارج گل محمد مھر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ عارب سبزوئي ۽ ڳوٺ حيدر شاھ  تي ڌار ڌار چڙھايون ڪري ڪجھ شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي ۽ پوليس ڳوٺ ۾ موجود چوپايو مال به ڪاھي آڻي ڍڪ ۾ بند ڪري ڇڏيو آھي. پوليس ذريعن ٻڌايو ته جيستائين واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪنداسين تيستائين ڪارروايون جاري رھنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو