محمد شهاب الدين بنگلاديش جي 22هين صدر جو حلف کڻي ورتو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي 22هين صدر محمد شهاب الدين پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو هو فيبروري ۾ بنا مقابلي صدر چونڊجيو هو.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب حڪمران پارٽي عوامي ليگ جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي جج محمد شهاب الدين تاريخي دربار هال ۾ وزيراعظم شيخ حسينه ۽ ڪابينه جي موجودگي دوران هڪ تقريب ۾ ملڪ جي صدر جي حيثيت سان حلف کنيو.شاگردي واري دور کان عوامي ليگ سان جڙيل شهاب الدين اڳوڻي صدر عبدالحميد جي جڳهه سنڀاليندو جنهن جو مدو هلندڙ هفتي ختم ٿي رهيو آهي.بنگلاديش ۾ پارلياماني نظام هجڻ سبب ڪيترائي اختيار وزيراعظم شيخ حسينه وٽ آهن جڏهن ته صدر جو عهدو نمائشي آهي پر ان باوجود عام چونڊن دوران قانون جي منظوري لاءِ صدر آفيس اهميت حاصل ڪري ويندي آهي، اهوئي سبب آهي ته شيخ حسينه واجد وفادار سمجهيو ويندڙ اڳواڻ محمد شهاب الدين کي صدر بڻايو آهي، ڇو ته بنگلاديش ۾ عام چونڊون ڊسمبر يا ايندڙ سال جنوري ۾ ٿيڻ واريون آهن.گذريل هفتي هڪ انٽرويو ۾ صدر شهاب الدين چيو هو ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنهن جي ذميواري آهي ته هو ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ جي ترغيب ڏئي ۽ چونڊن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري. صدر شهاب الدين جي گهر واري ربيڪا سلطانه وفاقي حڪومت ۾ اڳوڻي جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو