ماهرا خان کي ڀارتي مداح پاران شادي جي آڇ

ماهرا خان کي ڀارتي مداح پاران شادي جي آڇ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اداڪارا ماهره خان کي ڀارتي مداح شادي جي آڇ ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن ماهرا خان جي پروڊيوس ڪيل پهرين ويب سيريز ”ٽوئلفٿ پليئر“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو هو، جنهن بابت ماهرا ٽوئيٽر تي سوالن جوابن جو سيشن ڪيو هو. ماهرا جي مداحن سندس ذاتي زندگي ۽ پسند جي باري ۾ ڪيترائي سوال پڇيا. هڪ ڀارتي مداح ماهره کي شادي جي آڇ ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن تي اداڪارا پيار سان سوال ڪيو ته توهان هينئر تائين ڪهڙي شيءِ کي روڪي رهيا آهيو؟ توهان تجويز ڪيو پر منهنجو جواب هميشه وانگر ساڳيو هوندو. هڪ ٻئي صارف سوال ڪيو ته، ”جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به اداڪار جاني ڊيپ، ٽام ڪروز ۽ ليونارڊو ڊي ڪيپريو سان شادي ڪرڻ ۽ ڊيٽنگ ڪرڻ جو موقعو ملي ته توهان ڪنهن سان گڏ هوندا؟“ ”جيڪڏهن مون کي موقعو ملي ها ته مان ليونارڊو سان شادي ڪريان ها ۽ ٽام ڪروز ۽ جاني ڊيپ سان ملاقات ڪريان ها،“ ماهرا کان سوال ڪرڻ بدران هڪ مداح کيس ٻڌايو ته هو پنهنجي ماءُ سان گڏ ويٺو آهي ۽ سندس ماءُ اداڪاره لاءِ سلام ۽ دعائون گهري رهي آهي، جنهن تي ماهرا ٻنهي لاءِ پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو