مان اوھان کان جدا ٿيندس ، مگر ياد ايندس، آڪاش

مان اوھان کان جدا ٿيندس ، مگر ياد ايندس، آڪاش

منور برھماڻي
ڊاڪٽر آڪاش انصاري، اصل نالو الله بخش انصاري، 25 ڊسمبر 1956ع تي بدين جي ڳوٺ ابل وسي ۾ ڄائو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ 1984ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪاليج جي زماني کان ئي، هو قومي ۽ ترقي پسند شاعر طور مشهور ٿيو ،ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌي ادب، سياست ۽ سماج جو امر ستارو ھو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو لاڏاڻو سنڌ لاءِ رڳو هڪ شخصيت جو وڇوڙو ناهي، پر هڪ اهڙي فڪري، ادبي، سياسي ۽ سماجي تحريڪ جو ختم ٿي وڃڻ آهي، جيڪا ڏهاڪن تائين روشنيءَ جو مينار بڻيل رهي. هو هڪ شاعر، صحافي، سياستدان، ۽ سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏ هڪ عظيم فڪر جو علمبردار هو، جنهن پنهنجي شاعري، لکڻين، سياسي جدوجهد ۽ سماجي خدمتن ذريعي سنڌ جي ماڻهن کي نئين راھ ڏيکاري،ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ۾ قومپرستي، انساني آزادي، طبقاتي جدوجهد، عشق، ۽ انساني ڀلائي جا موضوع نمايان آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ اهم پهلو هيءُ به هو ته هو پنهنجي لفظن ذريعي عوام جي سورن کي آواز ڏئي سگهندو هو. “ڪيئن رهان جلاوطن” ۽ “اڌورا اڌورا” سندس شاعريءَ جا اهي ڪتاب آهن، جيڪي نه صرف سنڌي ادب ۾، پر نظرياتي شاعريءَ جي دنيا ۾ هڪ خاص مقام رکن ٿا. سندس شاعريءَ جو انگريزي ترجمو “An Elegy for the Brave Hearts of Tomorrow” به عالمي ادبي حلقن ۾ ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو ،نه صرف شاعري مگر صحافت ۾ به پير پکتا ڪيا ،1995ع ۾، جڏهن هن صحافت جي دنيا ۾ قدم رکيو ته سندس مقصد رڳو خبرن کي ڇپائڻ نه هو، پر صحافت کي عوام جي آواز جو ترجمان بڻائڻ هو. روزاني “سوال” اخبار هن جي فڪري ويزن جو عڪس هئي، جتي حسن درس جهڙو شاعر به ساڻس ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. “سوال” اخبار سنڌ جي حقن، سياسي معاملن ۽ سماجي مسئلن تي بيباڪ صحافت ڪئي، جنهن سبب آڪاش انصاريءَ کي ڪيترائي دفعا دٻاءُ ۽ مشڪلاتون به برداشت ڪرڻيون پيون ۽ سياسي جدوجھد ۾ ڏکاين منھن ڏنو ، مارشلا سان مھاڏو اٽڪايو ، ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو سياسي وابستگي عوامي تحريڪ سان رھي ،هن عوامي تحريڪ ۾ 15 سال ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ضياءُ الحق جي مارشل لا واري دور ۾، جڏهن سياسي ڪارڪنن کي قيد ۽ اذيتن جو نشانو بڻايو ويو، تڏهن آڪاش انصاري به انهن مان هڪ هو، جنهن انقلابي شاعريءَ جي ڪري جيل جي سختين ڀوڳيون، پر پنهنجي فڪر ۽ نظرين تان هٿ نه کنيو،پنھنجي قلم سنواري سنڌ جو ڪيس شاعري ذريعي عوام تائين پھچايو نه صرف ايترو تعليم ۽ ترقيءَ لاءِ وڙهندڙ سپاهي به ھيو،بدين ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ تعليم جي کوٽ، غربت، ۽ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ ڏسندي، ڊاڪٽر آڪاش انصاري سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ “بدين رورل ڊيولپمينٽ” نالي تنظيم قائم ڪئي، جنهن ذريعي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ جديد اسڪول کوليا ويا. سندس سماجي خدمتون خاص طور ان ڪري منفرد هيون، ڇو ته هو صرف تقريرن ۽ واعدن جو ماڻهو نه هو، بلڪه عملي طور ميدان ۾ لهي ڪم ڪندڙ شخصيت هو،
ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جو وڇوڙو سنڌ لاءِ هڪ وڏو نقصان آھي ، مگر شاعري ذريعي ھميشه اسان سان گڏ ھوندو، سندس جي شاعر جيان ،
” مان اوهان کان جدا ٿيندس، مگر ياد ايندس
سُر جي مڌر گونج ۾، گيتن جي وٿ ياد ايندس“
ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو وڇوڙو سنڌي ادب، سياست، صحافت ۽ سماجي خدمتن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، پر سندس لفظ، جدوجهد، ۽ خواب هميشه لاءِ زنده رهندا ،15 فيبروري 2025ع تي، جڏهن ڊاڪٽر آڪاش انصاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ته سنڌ جو ادبي، سياسي، صحافتي، ۽ سماجي حلقو هڪ اهڙي روشنيءَ کان محروم ٿي ويو، جيڪا ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ رهنمائي جو ذريعو هئي. سندس شاعري، صحافت، سياست، ۽ سماجي ڪارڪردگيءَ جا نشان سالن تائين قائم رهندا، ۽ هو هميشه لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهندو،سندس يادگار لفظ اڄ به سنڌ واسين جي دلين ۾ گونجي رهيا آهن:
“مان لفظن جو سپاهي آهيان، مان روشنيءَ جي گواهي آهيان!”

پهنجو تبصرو موڪليو