ماءُ جي خانداني منصوبابندي کي ترجيح بڻائڻ  جي ضرورت تي زور

ماءُ جي خانداني منصوبابندي کي ترجيح بڻائڻ جي ضرورت تي زور

ڪراچي (رپورٽر )ڪراچي پاڪستان ۾ هر 45 منٽن کانپوءِ هڪ عورت حمل سان لاڳاپيل پيچيدگين سبب فوت ٿي وڃي ٿي، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بروقت طبي امداد، محفوظ زچگي، خانداني منصوبابندي ۽ بنيادي صحت جون سهولتون عوام تائين آسان رسائي سان پهچائڻ کي قومي ترجيح بڻائڻ ضروري آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ماءُ جي زندگي بچائڻ لاءِ خانداني منصوبابندي ۽ صحت جي سهولتن تائين رسائي انتهائي اهم آهي.چوٿين انٽرنيشنل فيملي پلاننگ سمٽ ۾ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته ”ماءُ رهي سلامت“ رڳو نعرو نه هئڻ گهرجي، پر پاڪستان جي بهتر عوامي صحت جي مستقبل لاءِ هڪ مستقل ۽ گڏيل قومي ترجيح بڻجڻ گهرجي.اهي خيال جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي شعبه امراضِ نسواں، وارڊ 9-B جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيل چوٿين انٽرنيشنل فيملي پلاننگ سمٽ ۾ ظاهر ڪيا ويا. سمٽ ۾ صحت جي ماهرن، محققن، پاليسي سازن ۽ لاڳاپيل شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي.سمٽ جو موضوع ”نوجوان، خانداني منصوبابندي ۽ ڊجيٽل جدت“ هو، جنهن جو مقصد ماءُ ۽ ٻار جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ وڌندڙ آبادي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ۽ اثرائتي حڪمت عملين تي غور ڪرڻ هو.سمٽ کي خطاب ڪندي سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته سنڌ حڪومت زچگي جون سهولتون عوام جي دروازن تائين پهچائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. پراڻين ڊسپينسرين کي برٿنگ اسٽيشنز ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪميونٽي مڊوائفز کي گهرن ۾ محفوظ طريقي سان زچگي جون خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني پئي وڃي.هن چيو ته پيچيده ۽ هنگامي زچگي جي ڪيسن کي بروقت اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس سسٽم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو پيو وڃي. ان سان گڏ صحت مرڪزن تي دوائن ۽ ضروري طبي سامان جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ سپلاءِ چين جي نظام ۾ بهتري آندي پئي وڃي، ته جيئن بنيادي سطح تي ڪم ڪندڙ طبي عملي کي مريضن جون زندگيون بچائڻ لاءِ سموريون ضروري سهولتون ميسر هجن. هن چيو ته اسپتالن اندر ميڊيا جي موجودگي جي اجازت ناهي، جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائڻ جا خواهشمند ڊاڪٽر ۽ ٻيا ماڻهو اسپتال کان ٻاهر اچي پنهنجو موقف پيش ڪن. هن صحافين کي چيو ته اسپتالن جي خامين جي نشاندهي ڪئي وڃي، ڇو ته صحافين جي نشاندهي سان حڪومت کي مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.عذرا پيچوهو چيو ته سمورن ڊاڪٽرن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي اجازت آهي ۽ ڊاڪٽر ميڊيا کي سمورن حقيقتن کان آگاهه ڪن. هن چيو ته جناح اسپتال جي مسئلن بابت ڊاڪٽر خالد شير سان رابطو ڪيو وڃي، جيڪو ميڊيا کي پنهنجو موقف ڏيندو.سنڌ جي صحت واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت ايڇ آءِ وي خلاف اثرائتا قدم کڻي رهي آهي ۽ سي ڊي سي سينٽرز کي به فعال بڻايو پيو وڃي. ايڇ آءِ وي جي بروقت تشخيص لاءِ اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ تيز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وڌ کان وڌ اسڪريننگ سان ايڇ آءِ وي تي جلد ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.هن چيو ته اسپتالن ۾ سهولتن جي بهتري لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. اسان کي خبر آهي ته مريضن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صحت جي شعبي ۾ تازو نيون ڀرتيون ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ ڀرتين ڏانهن به وڌي رهيا آهيون، جنهن سان اسپتالن ۾ سهولتون بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.هن چيو ته سي سيڪشن جي وڌندڙ شرح سبب سنڌ ۾ ماءُ جي موت جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ جلد ان جا نتيجا نظر ايندا. هن چيو ته جيڪا عورت ٽئين سي سيڪشن کانپوءِ اچي، ان جي ٽيوبل ليگيشن (TL) ڪئي وڃي.صحت واري وزير وڌيڪ چيو ته عورتن لاءِ ٽرانسپورٽ جون مناسب سهولتون موجود نه آهن، تنهنڪري ان سلسلي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ برٿنگ اسٽيشن سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن. وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊز اسماعيل راؤ سمٽ جي انعقاد تي پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته نوجوان اسان جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. اعليٰ تعليمي ادارن جو مقصد رڳو ڊگريون ڏيڻ نه، پر نوجوانن ۾ توليدي صحت، ذميواراڻن فيصلن ۽ صحت بابت آگاهي جو شعور اجاگر ڪرڻ پڻ آهي.جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ چيف پيٽرن پروفيسر امجد سراج ميمڻ مرداڻي مانع حمل طريقن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ وازيڪٽومي هڪ اهم ذريعو آهي. هن سلسلي ۾ آگاهي ۽ سمورن اسپتالن ۾ سهولتن جي دستيابي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ وازيڪٽومي جا ڪيس 2021ع ۾ 24 مان وڌي 2025ع ۾ 4 هزار کان به وڌيڪ ٿي ويا آهن، ۽ هن رجحان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.چيف آرگنائيزر پروفيسر ڊاڪٽر نگهت شاهه، پرو وائيس چانسلر جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ سربراهه شعبه امراضِ نسواں وارڊ 9-B، جي پي ايم سي، چيو ته پاڪستان جي آبادي ۾ هر سال تقريباً 60 لک ماڻهن جو اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مانع حمل طريقن جو استعمال صرف 34 سيڪڙو آهي ۽ 17.8 سيڪڙو ماڻهن جون خانداني منصوبابندي بابت ضرورتون پوريون نه ٿي رهيون آهن.هن چيو ته سمٽ جو مقصد نوجوانن کي جديد ڊجيٽل ذريعن ۽ درست معلومات سان ليس ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي پنهنجي صحت ۽ مستقبل بابت باخبر ۽ ذميواراڻا فيصلا ڪري سگهن.سمٽ ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خالد شير سميت ٻين ماهرن، محققن ۽ پاليسي سازن پڻ شرڪت ڪئي.سمٽ ۾ مقررین ماءُ ۽ ٻار جي صحت، خانداني منصوبابندي ۽ آبادي ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ مربوط ۽ اثرائتن قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو