ليلتہ القدر رات جي فضيلت

ليلتہ القدر رات جي فضيلت

فاروق احمد گھنڃو
اي ايمان وارؤ اوھان تي روزا فرض ڪيا ويا آھن جيئن اڳين نبين جي امتن تي روزا فرض ڪيا ويا ھئا جيئن اوهان ۾ تقوي پرھيزگاري جو روح پيدا ٿئي انھيءَ لاء روزا فرض ڪيا ويا ھڪ آيات سڳوري ۾ الله تعالي رمضان شريف جي روزن جي فرض ٿيڻ جو بيان فرمائي ٿو اھي روزا نه رڳو اوھان تي فرض ڪيا ويا آھن پر اڳين نبين جي امتن تي به فرض ڪيا ويا ھئا حضرت آدم عليہ السلام تي ايام بيض جا روزا فرض ھئا يعني ھر مھيني جي تيرھين چوڏھين ۽ پندرھين جا روزا فرض ھئا يھودين تي عاشورا جو ھر ھفتي ۾ ڇنڇر جو روزو مقرر ٿيو عيسائين تي رمضان جا روزا مقرر ھئا امام بخاري اھڙي روايت آندي آھي ته روزا رکڻ سان انسان پرھيزگار ۽ تقوي وارو ٿئي ٿو دنيا ۽ آخرت جي نقصانن کان رب جي پناھ ۾ ھجي ٿو ھونئن ته پورو رمضان شريف برڪتن وارو مھينو آھي پر رمضان شريف جو پويون ڏھاڪو پھريان ٻن ڏھاڪن کان وڌيڪ افضل آھي ھر مڪتب جي علماء ڪرام مطابق ته رمضان شريف جي پوئين ڏھاڪي ۾ قدر جي رات آھي ان رات جي شان جيڪا رات ھزار مھينن کان به افضل آھي ان رات جاڳي عبادت ڪرڻ پنھنجي پالڻھار ۽ ان جي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن کي ريجھائي صوم صلوات پڙهڻ گھرجي. رب ڪريم طرفان اھا ڀلاري رات خاص پنھنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي امت کي ڏني وئي جنھن رات لاء ھڪ لک چوويھ ھزار انبياء ڪرام سڪندا ويا پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آھي ته ھن ڀلاري رات کي رمضان شريف جي پوئين ڏھاڪي جي اڪي راتين يعني 21,23,25,27,29 ۾ شب قدر آھي انھي ڪري پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن پوئين ڏھاڪي ۾ اعتڪاف ۾ ويھندا ھئا ويھين تاريخ جو روزو رکي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن مسجد کان ٻاھر نه نڪرندا ھئا رات ڏينھن مسجد ۾ رھندا ھئا مسجد شريف کان پير مبارڪ به ٻاھر نه رکندا ھئا سمورو پويون ڏھاڪو مسجد ۾ عبادت فرمائيندا ھئا اسان مسلمانن کي به گھرجي ته امام الانبياء خاتم المرسلين جي عمل جي پيروي ڪيون ليلتہ القدر جي اھميت فضليت کي سمجھون ۽ ان رات جاڳي پنھنجي رب ڪريم کي ٻاڏايون
ليلة القدر جي اهميت ۽ فضيلت تي هڪ مڪمل سورت نازل ٿي، جنهن مان ان جي فضيلت جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
شب قدر جي رات چار وڏا ملائڪ لوائيحمد جا جھنڊا کڻي عرشي فرشي ملائڪن کي ساڻ ڪري زمين تي لھندا آھن محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي امت کي ندا ڪندا آھن ته آھي ڪوئي جيڪو رب جي رحمت گھري عرشي، فرشي ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان ھر ڪنھن شيءِ تي فجر جي نماز تائين سلامتي گھرندا آھن
ترجمو ڪنز العرفان: بيشڪ اسان قرآن پاڪ کي شب قدر ۾ نازل ڪيو، ۽ توھان کي خبر آھي ته شب قدر ڇا آھي؟ شب قدر ھزار مھينن کان بھتر آھي
حضرت انس بن مالڪ رضي الله عنه کان روايت آھي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو ته الله تعالي منھنجي امت کي شب قدر جو تحفو ڏنو آھي هن کان اڳ ڪنهن نبي جي امت کي اھا رات نصيب ناھي ٿي (مسند فردوس، باب الف، 1/173، حديث: 647)
مفتي نعيم الدين مراد آباديءَ رحمة الله عليه جن فرمائن ٿا: ”الله تعاليٰ جو پنھنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم تي اھو فضل آھي جن جي امت تي رحمتون نازل ٿيون. اسان کي گھرجي ته شب قدر ۾ رات جاڳي عبادت ڪريون ان جو ثواب گذريل امتن جي ماڻھن کان وڌيڪ حاصل ڪجي ۽ ھزار مھينن جو ثواب عبادت ڪجي.
حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رحمة الله عليه جن فرمائن ٿا ته ھڪ ھي ته عظيم رات ٻين راتين جي مقابلي ۾ تمام گھڻي فائدي واري آھي، اھا فضيلت شب قدر ۾ الله وارن سان نسبت رکڻ سان ابدي زندگي ۾ عزت عطا ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻيو ته قرآن پاڪ سڀني آسماني ڪتابن کان افضل آهي، ڇاڪاڻ ته توريت ۽ انجيل جي نزول جي تاريخ کي به ايتري اھميت نه ملي. جيتري اھميت رب العالمين پنھنجي محبوب ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پاڪ ڪلام جي عظمت کي بلند ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو