ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڪجهه ڏينهن کان جاري ڇڪتاڻ کانپوءِ لاڳاپن ۾ بهتري جي سلسلي ۾ پاڪستاني ايئر لائنز جزوي طور تي ايراني فضائي حدن جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران به ڪيتريون ئي پاڪستاني اڏامون ماضي وانگر ايران جي هوائي حدن کي استعمال ڪنديون رهيون.هوابازي ذريعن موجب سومر تي ٽورنٽو کان ڪراچي ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام 2 ڪلاڪن تائين ايراني فضائي حدن ۾ 37 هزار فوٽ جي بلندي تي تهران ذريعي سفر ڪيو. اسلام آباد کان دمام جي اڏام به ايراني فضائي حدن ذريعي پنهنجي منزل تي پهتي جڏهن ته دبئي کان اسلام آباد جي اڏام پي ڪي 112 به ايراني فضائي حد استعمال ڪئي.سعودي عرب جي شهر الحف کان اسلام آباد ويندڙ اسپيشل اڏام به ايران ذريعي پنهنجي منزل تي پهتي ۽ ڪراچي کان استنبول ويندڙ اڏام به تهران ذريعي پنهنجي منزل تي پهتي. بهرحال، پاڪستان جون اڪثر اڏامون سرڪاري هدايتن جي روشنيءَ ۾ گلف آف عمان جو هوائي رستو وٺي رهيون آهن.










