لاڙڪاڻي جي پريمي جوڙي جو ميرپور ۾ عدالتي پرڻو

ميرپور ماٿيلو(رپورٽر) لاڙڪاڻي جي وليده محلا جو پريمي جوڙو صائمه ڌي علي اڪبر ڪلهوڙو ۽ پريمي وحيد علي ولد پير بخش بوزدار گذريل ڏينهن ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پيار جا دشمن پريمي جوڙي صائمه ۽ وحيد علي بوزدار جا ويري بڻجي ويا آهن، هوڏانهن پريمڪا صائمه ڪلهوڙو جا مائٽ سندس جي جان جا دشمن بڻجي پريمي جوڙي جي ڳولا جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب پريمي جوڙو دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن،  پريمي جوڙي پاران ميرپور ماٿيلو جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ پريمڪا صائمه ڪلهوڙو ڄاڻايو آهي ته منهنجا گهر ڀاتي لالچي قسم جا هئا، منهنجي شادي ٻي هنڌ هڪ پيرسن سان شادي ڪرائڻ چاهن پيا، هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان والدين جي گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري وحيد علي بوزدار سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن تي منهنجا گهر ڀاتي ۽ منهنجا رشتيدار اسان ٻنهي زال مڙس جا ويري بڻجي ويا آهن، هن وڌيڪ چيو مون کي ڪنهن نه اغوا ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن زبردستي ورغلايو آهي ۽ مان پنهنجي رضا خوشي سان وحيد علي بوزدار سان شريعت محمدي موجب شادي ڪئي آهي، عدالت سڳوري کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو