گجرات (ويب ڊيسڪ)لالا موسيٰ ۾ پراڻي ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ سبب 200 دڪان سڙي رک ٿي ويا، 2 گاڏيون ۽ هڪ رڪشا به سڙي ويا. ريسڪيو عملدارن موجب پراڻي ڪپڙي جي بازار ۾ باهه لڳڻ جي اطلاع تي ريسڪيو ايمبولينسون ۽ فائر برگيڊ جون گاڏيون موقعي تي پهتيون پر باهه جي شدت سبب وڌيڪ گاڏيون کي طلب ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته 9 ريسڪيو گاڏين ۽ 20 فائر ٽينڊر ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو. ريسڪيو ذريعن موجب 4 ايڪڙن تي پکڙيل پراڻي ڪپڙي جي مارڪيٽ ۾ 500 دڪان هئا، جن مان 200 دڪان سڙي ويا، جڏهن ته 2 گاڏيون ۽ هڪ رڪشا به مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون، جڏهن ته باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.










