اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر تي شام 4 وڳي ٻيهر ٿيندو ان ڏس ۾ 6 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيوويو آهي جنهن مطابق سوالن جو وقفو ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۽ ميمبر اعتراضن واري نقطي تي خيالن جو اظهار ڪندا سومر تي ٿيندڙ اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ڪندو جنهن جو 6 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويوآهي تلاوت، حديث نعت ۽ قومي تراني کان پوءِ سوالن جو وقفو ٿيندو ميمبرن پاران سوال پڇيا ويندا ۽ وزيرن ۽ پارليماني سيڪريٽريز پاران جواب ڏنا ويندا اجلاس ۾ پي پي جوميمبر قادر مندوخيل، ناڻي وزير جو ڌيان عوام ۾ سخت ڳڻتي جو سبب بڻجندڙ فوري عوامي اهميت جي معاملي ڏانهن ڇڪائيندو جيڪو افغانستان جي سرحد جي رستي جعلي دعوائن جي اسمگلنگ بابت آهي جنهن کان پوءِوفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پاران 12 ڊسمبر 2022 تي پيش ڪيل رٿ هي ايوان 6 آڪٽوبر 2022 تي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي پاڪستان جي صدر جي خطاب تي ان سان پنهنجي تشڪر جواظهار ڪري ٿو ان تي بحث ٿيندو اجلاس دوران قائدي 18 تحت اعتراض کان علاوه معاملا اٿاريا ويندا جنهن کان پوءِ مولانا عبدالاڪبر چترالي موصلات جي پرڏيهي وزير جو ڌيان عوام۾ سخت ڳڻتي جو سبب بڻجندڙ فوري عوامي اهميت جي معاملي ڏانهن ڏياريندو جيڪو چترال بني، شندور روڊ جي اڏاوتي ڪم جي بندش بابت آهي.










