خاصخيلي لطيف راولاڻي ۔
ڪراچي ملير جو علائقو ساوڪ سرسبز زمين جي ڪري مشھور رھيو آھي ان ڪري ته ڪافي سال اڳ ۾ ھي خطو زرخيز ھو ھتي انبن ڄامن جا وڏا باغ ۽ ھر قسم جون سبزيون جام ٿينديون ھيون پاڻي جي کوٽ جي ڪري ملير جا سڀ کوه سڪي ويا ۽ ملير جون زمينون غير آباد ٿي ويون پر ھڪ تمام اھم ڳالھ جيڪا امڄ ڏينھن تائين ٿورن ئي ماڻھن کي خبر ھوندي يا انھن کي معلومات ھوندي جيڪي زراعت کان علاوه علم ادب سان لڳاو رکندا ھوندا ملير ۾ جڏھن چنيسر ڳوٺ کان لڏپلاڻ ڪري استاد محمد رحيم راولاڻي ملير آيو ته پاڻ سان گڏ علمي دولت کنيو آيو پاڻ شاه جو پارکو سنڌي ادب جو ڏيئو ھو جئين ئي ملير جي بچل خاصخيلي ڳوٺ ۾ رھائش اختيار ڪيائين ته اتي علمي ادبي ماحول جوڙڻ لاء 1966ع ۾ پنھنجي مدد پاڻ اڪيلي سر علمي ادبي ادارو مھراڻ لائبريري ملير جي نالي سان قائم ڪيائين لڏپلاڻ ۾ ھزارن جي تعداف ۾ ڪتاب صفوران ڳوٺ ۾ رھجي ويا جيڪي ڪافي ڪوششن جي باوجود ملي نه سگھيا ۽ اھي تيز بارش جي وھڪري ۾ وھي ويا ۔ملير۾ وري نئين سري سان ڪتاب گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ھن علمي اداري کي تاريخي ۽ تحقيقاتي اداري جي طور تي قائم ڪيو ويو ۔مھراڻ لائبريري ملير جي روح روان باني پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جئين ته تعليم جي شعبي سان وابسته ھو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري فوڊ آفيسر ٿيڻ بجاء ليڪچرر کي اھميت ڏنائين ۽ مراد ميمڻ ڳوٺ کان علمي ادبي سلسلي جي شروعات ڪيائين پاڻ پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته ڪتاب خريد ڪرڻ لاء ڪراچي جي قديم علائقي کوڙي گارڊن جو رخ ڪيائين ۽ اتي ھندوئن جي ڇڏيل علمي خزاني کي ھٿ ڪرڻ لڳو جيڪو وڌي وڻ ٿيو ۽ ان کي لائبريري جي شڪل ڏيئي عام پڙھندڙن جي لاء دروازا کولي ڇڏيائين جتي سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ مان علم ادب جا اڃايل اچي ڪري گھربل مواد حاصل ڪندا ھئا ۔مھراڻ لائبريري ۾ علمي سرگرميون قائم ڪرڻ لاء اسٽڊي سرڪل شروع ڪيائين ان کان پوء ان لائبريري ۾ ئي 1980ع جي ڏھاڪي ۾ سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ قائم ڪيائين جئين ھتي علمي ادبي ماحول قائم ٿي سگھي پر ان مان ڪافي فائدو به ٿيو ته ڪتابن جو نقصان ٻيھر برداشت ڪرڻو پيو ملير کان علاوه ڪراچي جي ڪنڍ ڪڙڇ مان ادبي دوست ڪھي ڪري ايندا ھئا ۽ مھراڻ لائبريري مان ڪتاب کڻي ويندا ھئا ليڪن اھي واپس ٿي نه سگھيا جنھن ڳالھ جو ذڪر پروفيسر صاحب اڪثر ڪچھرين ۾ ڪندو ھو ۔
ھن لائبريري مان تمام گھڻ دوستن سنڌي جي مضمون ۾ ايم اي ڪئي ۽ ھتان ئي ٻولي ادب ۽ تاريخ لطيفيات تي ڪتاب مطالعي جي لاء کڻي ويندا ھئا ۔پوري ڪراچي ۾ ھي واحد ادارو ۽ لائبريري ھئي جتي پراڻا اڻلڀ قيمتي ڪتاب مطالعي جي لاء ملندا ھئا ۔سنڌ يونيورسٽي جي تاريخ جو پروفيسر ليکڪ سياسي اڳواڻ آزاد قاضي به ھن لائبريري مان ڪتاب کڻي ويندو ھو ۔ھن ئي لائبريري مان پروفيسر جا سوين شاگرد مطالعو ڪري وڏن عھدن تائين پھتا ۽ سنڌي ٻولي ادب سياست ۾ نالو ڪمايائون نالن جي تفصيل تمام ڊگھي آھي پر چند نالا ھتي لکجن ٿا ۔جن ۾ شھيد عبدالله مراد بلوچ ۔ايم پي اي ساجد جوکيو ۔شاه جو پارکو رخمان گل پالاري سماجي اڳواڻ حمزو پنھور اطھر وڳڻ اختر وڳڻ فداحسين ڪيريو پير حفيظالله سرھندي ليکڪ غلام رسول ڪلمتي حضور بخش ڀٽو ۽ ٻيا جن ھن لائبريري مان علم و ادب حاصل ڪيو ھي واحد قديم لائبريري آھي جيڪا پروفيسر جي لاڏاڻي کان پوء به پنھنجو علمي ادبي سفر جاري رکيو اچي ھن وقت تائين لائبريري ۾ تاريخ ادب ٻولي لطيفيات تي سوين ڪتاب موجود آھن ۽ ٽوٽل ڪتاب چار ھزارن جي لڳ ڀڳ آھن جتي اڄ به علم و ادب جا چاھيندڙ اچن ٿا ۽ کين گھربل مواد مليو وڃي ۔پوري ملير ۾ ڪابه سرڪاري لائبريري ڪونھي ان جي جاء تي ھي واحد لائبريري آھي جيڪا اھا کوٽ پوري ڪري ٿي ۔سنڌ جي ڪجھ پبلشرن به ھتان قديم ڪتاب کڻي ٻيھر شايع ڪرايا آھن انھن ۾ خاص طور تي سنڌي ساھت گھر حيدرآباد ۽ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي شامل آھن ڪافي ناليوارا اديب دانشور به ھن لائبريري مان علم و ادب پرائي چڪا آھن ھي لائبريري ملير جي بچل خاصخيلي ڳوٺ کوکراپار ۾ واقع آھي جنھن جي نگراني ھاڻي سائين جو فرزند خاصخيلي لطيف راولاڻي جي ذمي آھي جيڪو رات ڏينھن ڪتابن کي گڏ ڪرڻ ۾ سرگردان نظر اچي ٿو ۔حڪومت ۽ وس وارن اختيارن کي انھي ڏس ۾ ڌيان ڏيڻ گھرجي ته ھن قديم لائبريري جي عمارت ٺھرائي ڏني وڃي ۽ ان ۾ فرنيچر جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ڪتابن جي وڌي وڃن جي ڪري المارين جي کوٽ ٿي پئي آھي جنھن ڪري ھتي ايندڙ علم وادب سان چاه رکندڙن کي مشڪلات جو منھن ڏسڻو پوي ٿو جيتريون وڌيڪ الماريون ھونديون ڪتابن جي ورڇ اھڙي نموني سان ڪئي ويندي جو آساني سان ھر موضوع تي لکيل ڪتاب ملي ويندو ۔مھراڻ لائبريري ۾ محفلون به ٿينديون آھن ھتي ھر سال باني لائبريري پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جي ورسي ملھائي وڃي ٿي ۽ ان جي ياد ۾ پروگرام ڪيا وڃن ٿا ان کان علاوه سنڌ جا يادگار ڏينھن به ملھايا وڃن ٿا ۔جن ۾ مشھور ليکڪ محمد صديق مسافر ۔عبدالرحمن نقاش شاھنواز سرگاڻي جا به ڏينھن ملھايا ويا آھن ۽ اڃان به وڏيڪ سرگرميون جاري آھن جيڪي وقت بوقت ٿينديون رھن ٿيون ۔ڪراچي ۾ ھي علمي ادبي مرڪز آھي جيڪو ھن وقت مختلف مونجھارن جو شڪار آھي ۔تازو حڪومت جي آثار قديم جي کاتي ملير ۾ قائم بلوچي تحقيقاتي اداري ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سنڌ جي موجوده سرحدي علائقي تي واقع قديم دور جي آثار ڪتي جي قبر کي به پنھنجي نگراني ۾ وٺي ان جي سارسنڀال لاء حڪم ناما جاري ڪيا آھن مھراڻ لائبريري کي پنھنجي عمارت ڪونھي ھن مضمون وسيلي ثقافت کاتي ۽ ٻين وس وارن ادارن کي درخواست ٿي ڪجي ته ھن لائبريري جي عمارت تعمير ڪئي وڃي جئين قديم علمي ادبي خزاني کي بچائي سگھجي ۔










