ڪنب (صفدرچانڊيو ) رمشا وساڻ جي والده خورشيد بي بي چيو آهي ته سندس نياڻي جي قتل ۾ ملوث گرفتار جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ٿو ڏئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته سندس فرياد تي پنجن جوابدارن ، جاويد علي وساڻ ، الطاف حسين وساڻ امتياز علي وساڻ، لطيف وساڻ ۽ بهارو وساڻ مٿان 8 مهينا اڳ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. اڪثر جوابدار روپوش آهن. ڳوٺ حاجي نواب وساڻ ۾ بي دردي سان قتل ٿيل شاگردياڻي رمشا وساڻ جي امڙ خورشيد ۽ سندس ڀاء امجدعلي وساڻ وڌيڪ ٻڌايو ته جيل اندران بدنام ڌاڙيل ذوالفقار عرف زلفو وساڻ پنهنجي ساٿين جي مدد سان ڪيس تان هٿ کڻڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جا نياپا موڪلي رهيو آھي. هنن ٻڌايو ته ٽي ڏينهن پهريان ڌاڙيل زلفو وساڻ جا ساٿي جاويد علي، الطاف، بهارو خان ، امتياز حسين ۽ لطيف وساڻ اسان جي گهر ۾ جديد هٿيارن سميت گھڙي آيا ۽ ڪيس تان دستربردار ٿيڻ لاء موت مار ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته اوهان جي سڀني گهر ڀاتين جو رمشا جيان حشر ڪنداسين.

متاثرين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ڏنو وڃي ۽ ڌمڪائيندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ايس ايڇ او ڪنب منشاد علي ڪلوڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايس ايس پي جي حڪم کانپوء پنجن ڄڻن تي ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو جڏھن ته آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري عمل هيٺ ناهي اچي سگهي.










