راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي گڏيل ڪاررواين ۾ 49 دهشتگردن کي مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز گذريل ڪجهه ڏينهن دوران پوليس سان گڏجي مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا، جنهن دوران 49 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي مستونگ، مچ، خضدار ۽ پنجگور ضلعن ۾ 10 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا ويا، جتي هندوستاني سرپرستيءَ ۾ متحرڪ ‘فتنة الهندستان’ سان تعلق رکندڙ 37 دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائيءَ دوران وڏي انگ ۾ هٿيار، بارودي مواد ۽ ريموٽ ڊيٽونيشن آلات قبضي ۾ وٺي ضايع ڪيا ويا.آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته بنون، اتر وزيرستان، اورڪزئي ۽ خيبر ضلعن ۾ پڻ ڪيترا ئي آپريشن ڪيا ويا، جتي هندوستاني سرپرستيءَ ۾ متحرڪ ‘فتنة الخارج’ سان تعلق رکندڙ 12 خارجي مارجي ويا. انهن ڪارروائين دوران بارودي مواد، آئي اي ڊيز، هٿيار، گوليون ۽ موٽرسائيڪلون برآمد ڪيون ويون.ترجمان موجب اهي ڪارروائيون هندوستاني پراڪسيز، فتنة الخارج ۽ فتنة الهندستان جي خاتمي لاءِ جاري مسلسل انسدادِ دهشتگردي مهم جو حصو هيون. ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي موثر طريقي سان ناڪام بڻايو ويو آهي، ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ پُرعزم آهن. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي هندوستاني سرپرستيءَ هيٺ متحرڪ خارجيءَ جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي، ۽ ملڪ مان دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اها مہم جاري رهندي.










