راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته هٿياربند فوج کي سياسي ڳالهين ۾ ڇڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوجن جي غيرقانوني ۽ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث ٿيڻ جي سختي سان پابندي آهي ۽ سڀني کان اها توقع آهي ته سڀ قانون جي پاسداري ڪندا ، فوج کي ملڪي مفاد ۾ سياسي گفتگو کان پاسي رکيو وڃي آءِ ايس پي آر موجب فوج جي اعليٰ قيادت سان سڌي ريت ۽ مختلف زاوين کان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، ڪجهه سياسي اڳواڻ هٿياربند فوج ۽ قيادت بابت ڳالهيون ڪري رهيا آهن، غير تصديق ٿيل اشتعال انگيز بيان انتهائي نقصانڪار آهن.










