اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف غزه جنگ بندي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته فلسطيني عوام ناقابل بيان مصيبت برداشت ڪئي آهي،غزه ۾ نسل ڪشي جي خاتمي لاءِ معاهدي جو اعلان هڪ تاريخي موقعو آهي.ان حوالي سان هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي معاهدو وچ اوڀر ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي اميد آهي، وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هن ڳالهين جي عمل ۾ عالمي امن لاءِ غير متزلزل عزم جو مظاهرو ڪيو، وزيراعظم قطر، مصر ۽ ترڪي جي اڳواڻن جي ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن اڳواڻن معاهدي لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون، هن چيو ته هو فلسطيني عوام کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، اهڙي ڏکوئيندڙ صورتحال ٻيهر ڪڏهن به نه ورجائڻ گهرجي.










