ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مقامي عدالت ۾ رياست ۽ رياستي ادارن جي خلاف مواد اپلوڊ ڪرڻ جي ڪيس ۾ صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت رد ٿيڻ جي فيصلي خلاف وڪيلن اپيل داخل ڪري ڇڏي. فرحان ملڪ جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ خلاف اپيل، سندس وڪيلن طرفان داخل ڪئي وئي. ڪراچي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ايسٽ جي عدالت، صحافي فرحان ملڪ جي وڪيل جي اپيل تي ايف آءِ اي کي 3 اپريل لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. فرحان ملڪ جي وڪيلن طرفان داخل ڪيل اپيل مطابق، جوڊيشل مجسٽرٽ ضمانت رد ڪندي الزامن کي بنياد بڻايو، پر انهن الزامن جي صحيح طريقي سان جاچ نه ڪئي وئي. صحافي فرحان ملڪ جي وڪيلن معيز جعفري ۽ بلال قريشي موقف اختيار ڪيو ته، “صرف ٿمبنيئل کي بنياد بڻائي ضمانت رد ڪرڻ انصاف نه آهي.” ان کان اڳ، جوڊيشل مجسٽرٽ ايسٽ صحافي فرحان ملڪ جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. واضح رهي ته، فرحان ملڪ هڪ مشهور صحافي، ديجيٽل ميڊيا پليٽفارم “رفتار” جو باني ۽ سما ٽي وي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر نيوز به رهي چڪو آهي. ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ڪراچي 20 مارچ تي فرحان ملڪ کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته گذريل 3 مهينن کان سندس خلاف جاچ جاري هئي. ان کان پوءِ، 26 مارچ تي جوڊيشل مجسٽرٽ ملير جي عدالت، مبينا ڪال سينٽر ذريعي پرڏيهين سان ٺڳي جي نئين مقدمي ۾ فرحان ملڪ کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. فرحان ملڪ جي گهرواري ڊان ڊاٽ ڪام کي ٻڌايو ته، “سندس خلاف ڪا به لکيل چارج شيٽ موجود نه هئي، نه ئي گرفتاري جي ڪا خاص وضاحت ڪئي وئي. اسان کي ايف آءِ آر به نه ملي، ۽ نه ئي الزامن بابت ڪجهه ٻڌايو ويو.” فرحان ملڪ جي پٽ جو چوڻ هو ته، “منهنجا والد منجهند 1 وڳي ايف آءِ اي جي آفيس ويا هئا، ۽ شام 6 وڳي کين بنا ڪنهن وضاحت جي گرفتار ڪيو ويو.” هن وڌيڪ چيو ته، “مون کي اڃا تائين خبر ناهي ته منهنجا والد ڪنهن ڏوھ ۾ گرفتار ٿيا آهن، هنن ته ڪو ڏوھ ناهي ڪيو، هو ته بس هڪ صحافي آهن، جيڪي ماڻهن جي آواز بڻجن ٿا، طاقتور ماڻهن جو احتساب ڪن ٿا ۽ سچائي تي يقين رکن ٿا.”










