فرانس ۾ 15 سالن جي ٻارن جي موبائل استعمال تي پابندي ؟

فرانس ۾ 15 سالن جي ٻارن جي موبائل استعمال تي پابندي ؟

پيرس(ويب ڊيسڪ) فرانس ۾ 15 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا جي استعمال تي مڪمل پابندي جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ فرانسيسي پارلياماني ڪميشن پنهنجي رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن جي ٻارن ۽ نوجوانن تي نفسياتي اثرن جي جانچ ڪئي ويندي.رپورٽ ۾ 15 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن پاران سوشل ميڊيا جي استعمال تي مڪمل پابندي ۽ 15 کان 18 سالن جي نوجوانن لاءِ رات 10 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين ڊجيٽل ڪرفيو جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا جي خطرن بابت عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي، ڊجيٽل غفلت جي ڏوهه ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ وقت عمر جي تصديق جو نظام لازمي قرار ڏنو وڃي.پارلياماني ڪميشن 2024 ۾ فرانس ۾ 7 خاندانن پاران سوشل ميڊيا سائيٽ ٽڪ ٽاڪ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ قائم ڪئي وئي هئي.ڪيس ۾ والدين دليل ڏنو ته انهن جي ٻارن کي اهڙو مواد ڏيکاريو ويو جيڪو انهن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري.ان حوالي سان، ٽڪ ٽاڪ ڪميٽي کي پنهنجو موقف ڏيندي چيو ته هن گذريل سال فرانس ۾ مصنوعي ذهانت (AI) جي مدد سان 98 سيڪڙو مواد کي پڪڙيو آهي جيڪو ان جي سروس جي شرطن جي خلاف ورزي ڪندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو