غيرقانوني گيس سلينڊرن خلاف آپريشن جاري

غيرقانوني گيس سلينڊرن خلاف آپريشن جاري

نوشھرو فيروز )رپوٽ منظور ملڪ(موٽروي پوليس جو گائيڊنس سينٽر وٽ ھلندڙ مسافر گاڏين کي روڪي سخت چيڪنگ ڪئي وئي ڪيترين گاڏين تي ڳرا ڏنڊ ھڻي چالان ڪيو ويو ان موقعي تي موجود موٽروي پوليس آفيسرن DSPڊي ايس پي راشد علي شاهه انسپيڪٽرعبدالرشيد سھتو عجيب علي ھيسباڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آئي جي موٽروي پوليس ڪليم امام ايڊيشنل آئي جي آفتاب پٺاڻ جي ھدايت تي نيشنل ھائي وي تي ھلندڙ مسافر گاڏين ۾ لڳل سلينڊر, لاھي کين چالان ڪيو وڃي ۽ سلينڊر سميت گاڏين جي ڊرائيورن جا لائسنس روٽ پرمنٽ, گاڏين ۾ لڳل ڪارا شيشا, فينسي نمبر پليٽن, غير ضروري ھيڊ لائٽو ۽ پراڻن ٽائرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري رھيا آھيون، گاڏيون چالان ڪيو آھن ڪيترين ئي گاڏين تي ڳرا ڏنڊ ھڻي وارنگ ڏني وئي آھي اسانجي چيڪنگ صبح کان وٺي شام تائي جاري آھي ۽ روزاني جي بنياد تي ڪري رھيا آھيون انھن وڌيڪ چيو ته ھي ڪاروائيون ڪرڻ جو مقصد انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ حادثن کان بچائڻ جي لا۽ آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو