مهر ۽ پنهور جي سرپئنچي ۾ بروهي ڪاڪيپوٽا تڪرار جو نبيرو

مهر ۽ پنهور جي سرپئنچي ۾ بروهي ڪاڪيپوٽا تڪرار جو نبيرو

لکي غلام شاھ (رپورٽ نثارمنگي) لکي غلام شاهه بروهي  ڪاڪيپوٽا خوني تڪرار جو نبيرو ايم اين اي غوث بخش خان مهر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي هيٺ ڳوٺ وزيرآباد ۾ ٿي گذريو, جنهن ۾ سردار فتح محمد حسني, سردار سڪندر خان ڪاڪيپوٽو ۽ الله بخش ڪاڪيپوٽو مشير طور شرڪت ڪئي, نبيري ۾ جهيڙيندڙ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڌرين مٿان 7 خون ثابت ٿيا, جنهن تحت ڪاڪيپوٽا ڌر جا 3, جڏهن ته بروهي ڌر جا 4 خون ثابت ٿيا, جنهن بعد نبيري ۾ ڌرين مٿان 7 خونن جو مجموعي طور هڪ ڪروڙ 15 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو, نبيري ۾ في خون جو 15 لک رپيا ڏنڊ طئه ڪيو ويو, جڏهن ته ايڊووڪيٽ علي حسن بروهي جي ڀاءُ جي خون جا 15 لک ۽ عيوضي جا 10 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو, جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 50 لک رپيا ڏنڊ رکڻ جو پڻ طئه ڪيو ويو, جڏهن ته غلام اڪبر مهر اهڙي نبيري جي فتوي پڙهي ٻڌائي, جنهن تي ڌرين جي ماڻهن قبول ڪري ورتي, اهڙي فتوا ٻڌڻ بعد ڌرين کي پاڻ ۾ ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪيو ويو, واضح رهي ته ڳڙهي ياسين لڳ ڳوٺ مارو ڪاڪيپوٽو ۾ سال 2013ع ۾ بروهي ۽ ڪاڪيپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوري جي معاملي تان جهيڙو ٿيو, جيڪو خوني تڪرار ۾ تبديل  ٿي ويو, انهي خوني تڪرار دوران انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون, جنهن بعد ايم اين اي غوث بخش خان مهر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور خان پنهور ذاتي ڪوششون وٺي ورهين کان وڙهندڙ ڌرين وچ ۾ سرچاءُ ڪرائي کين هڪٻئي سان ڀاڪر پارائي کيرکنڊ ڪري ڇڏيو, ورهين کان ويڙهاند ڪندڙ ڌرين وچ ۾ سرچاءُ ٿيڻ بعد علائقي واسين ۾ خوشي جي لهر پڻ ڇائنجي وئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو