عورت منهنجي نظر ۾…. ؛؛؛

عورت منهنجي نظر ۾…. ؛؛؛

طفيل مگسي
مون کي ائين ڏيک ڏيئي ٿو ته هن ڌرتي تي تون اهڙو پهريون مرد آھين.جيڪو عورت کي حقيقت ۾ سمجهين ٿو ۽ ھن کي قبول ڪرين ٿو. مان توکي ٻڌائي چڪو آھيان ته عورت محبت جي لاء سمجهڻ جي لاء ناهي. زندگي جيڪا ايترن اسرارن سان ڀري پئي آھي ته اسان جا هٿ هن جي توڙ تائين پهچڻ کان لاچار آھن.اسان جون اکيون هن جي پاتال جهڙي اونهائي کي نٿيون ڏسي سگهن.هستي جي ڪنهن به ظھور- -مرد يا عورت يا وڻن يا جانورن يا پکين کي سمجهڻ سائنس جو ڪم آھي.صوفيء جو نه. مان سائنسدان ناهيان.منهنجي لاء ته پاڻ سائنس هڪ اسرار آھي ۽ ھينئر ته سائنسدان به سائنس کي هڪ اسراريت تسليم.ڪرڻ لڳن ٿا.اهي ته ان پراڻي. وهم پرستاڻي يا لاڙي کي ڇڏي ڏيڻ شروع ڪري چڪا آھن.ته اهي هڪ ڏينهن ان سڀ کي سڃاڻي وٺندا.جيڪو ڄاڻڻ جي لاء آھي. آئن اسٽائن سان گڏ سائنس جي سموري تاريخ هڪ بلڪل مختلف رستي تي راهي ٿي وئي.جنهن جو سبب اهوئي آھي ته هو جيترو گهڻو يا وڌيڪ مادي جي پاتال جهڙي اونهائي واري مرڪز تائين ويو.اوترو ئي وڌيڪ منجهندو ويو.سمورو منطق وکري ڪري رهجي ويو.سموري عقليت پسندي .توهان هستي کي حڪم نٿا ڏئي سگهو.ڇاڪاڻ ته اها اوهان جي منطق کي نٿي مڃي.منطق انسانن جو ٺاهيل آھي.آئن اسٽائن جي زندگي جو اهو مرحلو اهم هو.جڏھن هو ياد ڪري ٿو.هو عقليت پسند هئڻ نه هئڻ جي حوالي کان پريشان هو.ليڪن اها بيوقوفي ئي ٿيئي ها يعني اهو انساني عمل ته ٿيئي ها ليڪن ڏاھپ وارو عمل نه ٿيئي ها.چاهي توهان منطق جي عقليت تي ئي ڇو نه اڙيل رهيو هجي.هتي توهان جي منطق جي مطابق تبديلي نٿي ٿيئي.توهان به منطق کي هستي جي مطابق تبديل ٿيڻو ٿو پوي. ۽ جيترو وڌيڪ توهان اونهائي ۾ وڃو تا هتي اوتري ئي وڌيڪ اسراريت ٿيندي وڃي ٿي.هڪ مقام اهڙو اچي ٿو ته توهان کي منطق ۽ عقليت پسندي کي ڇڏي ڏيڻ ۽ فطرت جي صدا تي ڪن ڏيڻو پوي ٿو.مان ان کي حقيقي ڄاڻ سمجهان ٿو.مگرڄاڻ جي عمومي مفهوم ۾ نه.توهان ان کي ڄاڻو ٿا.توهان ان کي محسوس ڪريو ٿا.ليڪن ان کي بيان ڪرڻ جو ڪو طريقو ناهي.
ماڻھو هڪ اسرار آھي.عورت هڪ اسرار آھي.هر اها شيء جيڪا وجود رکي ٿي هڪ اسرار آھي_ ۽ ان کي سمجهن جون اسان جون سموريون ڪوششون بيڪار ٿي وينديون. مون کي هڪ ماڻھو ياد اچي رهيو آھي.جيڪو رانديڪن جي دڪان ۾ پنهنجي پٽ جي لاء ڪرسمس جو تحفو خريد ڪري رهيو هو.اهو ماڻھو رياضي دان هو.انهيء ڪري دڪاندار فطري طور تي هن جي سامهون هڪ ڳجهارت رکي.رياضي دان ان جي آزمائش ڪئي…اها هڪ خوبصورت ڳجهارت هئي.هو بار بار آزمائش ڪندو رهيو.ايستائين ته پگهر ۾ شل ٿي ويو.هو بيوقوف ٿيڻ لڳو هو.گڏ ئي هڪ سيلز مين يا دڪاندار سڀ ڏسي رهيا هئا ۽ ھو حل نٿي ڪري سگهيو هو.نيٺ ھن ڳجهارت کي حل ڪرڻ جو خيال ڇڏي ڏنو ۽ رڙ ڪري دڪاندار کي چيائين“مان رياضي دان آھيان ۽ مان جيڪڏھن هن ڳجهارت کي حل نٿو ڪري سگهان ته توهان جو ڇا خيال آھي منهنجو ننڍڙو پٽ ان کي حل ڪري سگهندو ؟“دڪاندار چيو“ جناب تون سمجهين نه .ان کي ان ريت سان ٺاهيو ويو آھي ته ڪو به هن کي حل نٿو ڪري سگهي_چاهي اهو رياضي دان هجي يا نه.“رياضي دان دريافت ڪيو“مگر ان کي ان ريت ڇو ٺاهيو ويو آھي؟“دڪاندار وراڻيو“هن کي ائين ان ڪري بڻايو ويو ته جيئن ٻار شروعات ۾ ئي اهو ڄاڻي وڃي ته زندگي کي حل نٿو ڪري سگهجي.سمجهي نٿو سگهي“توهان زندگي جي سگهو ٿا.توهان زندگي کان لطف وٺي سگهو ٿا.توهان اسرار سان گڏ هڪ ٿي سگهو ٿا.باوجود ان جي هڪ مشاهد جي حيثيت سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو تصور بهرحال ممڪن عمل ناهي.مان ته پنهنجو پاڻ کي به نٿو سڃاڻان.منهنجي لاء ته عظيم ترين اسرار پاڻ ۾ آھيان.باوجود ان جي مان توهان کي ڪجه پتو ڏئي سگهيان ٿو. “نفسيات جو هڪ ماهر هڪ اهڙو شخص هوندو آھي.جيڪو توهان کان اهڙا سوال مهانگين اگهين پڇي ٿو.جيڪي توهان جي زال توهان کان مفت ۾ پڇي ٿي.“
خوشيء جي افاديت ته توهان محبت ۽ نزاڪت ۽ جذبي جي حوالي سان ڳاله ٻوله ڪري سگهو ٿا. حقيقي خوشي اهو ڄاڻي ڪري ٿيندي آھي ته توهان پنهنجيون چاٻيون ڪٿي گم ناهن ڪيون. عورت مرد جي وچ ۾ سخت مزاحمت ڪرڻ کان شروع ٿيئي ٿي ۽ ھن جو انت هن جي وٿ ڊراء کي روڪي ڪري ٿيندو آھي. جيڪڏھن توهان ڪنهن عورت جي سوچ بدلائڻ چاهيو ٿا ته هن سان متفق ٿي وڃو. جيڪڏھن توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته عورت حقيقت ۾ ڇا چوڻ چاهي ٿي ته هن جي ڳاله ئي نه ٻڌو بلڪ هن ڏانهن ڏسو. عورت پوليس واري وٽ وئي ۽ چيائين“آفيسر؛ اهو ماڻھو جيڪو ڪنڊ ۾ بيٺو آھي.مون کي ڪاوڙ ڏياري رهيو آھي.“ پوليس واري پڇيس“مان ڏسي رهيو آھيان ته هن ته توهانکي ڏٺو ئي ناهي“عورت وراڻيو“اهائي ئي ته ڪاوڙ ڏياريندڙ ھن جي حرڪت آھي“هڪ رومان پرست نوجوان بستر ۾ پاڻ سان گڏ ستل حسين و جميل نوجوانڙيء سان گڏ ڏانهس ڏانهن پاسو ورائي ڪري چيو“ڇا مان پهريون مرد آھيان.جنهن سان تو بستري ڪئي آھي؟“نوجوانڙيء کن پل جي لاء سوچيو ۽ چيائين“ٿي سگهي ٿو ته تون ئي هجين.مون کي اڪثر چهرا چڱيء ريت ياد نٿا رهن“هر شيء اسرار ڀري آھي.ان ڪري سمجهڻ جي ڪوشش سان لطف حاصل ڪرڻ بهتر آھي.جيڪو شخص زندگي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.نيٺ بيوقوف ثابت ٿيئي ٿو ۽ جيڪو شخص زندگي کان لطف حاصل ڪري ٿو.ڏاھو بڻجي وڃي ٿو ۽ زندگي کان لطف ئي وٺندو وڃي ٿو.جنهن جو سبب اهو هوندو آھي ته هو اسان جي چوڌاري موجود پراسراريت کان وڌ ۾ وڌ خبردار ٿيندو وڃي ٿو. سڀ کان وڌيڪ اهو ڄاڻڻ آھي ته ڪجه به نٿو ڄاڻي سگهي.ڇاڪاڻ ته سڀ ڪجه پراسرار ۽حيرت انگيز آھي.منهنجي خيال ۾ ته اهائي توهان جي زندگي ۾ مذھب جي شروعات ٿيئي ٿي. مرد ۽ عورت جي وچ ۾ موجود اڪثر فرق هزارين سالن جي دوران پيدا ڪيا ويا آھن.اهڙا فرق جيڪي حقيقت ۾ فطري ناهن. باوجود ڪجه فرق اهڙا آھن جيڪي انهن کي منفرد حسن ۽ انفراديت عطا جن ٿا.اهڙي فرق کي سولائي سان ڳڻي سگهجي ٿو. مرد ۽ عورت جي وچ ۾ پهريون فرق اهو آھي ته عورت زندگي کي تخليق ڪرڻ جي لائق آھي.جڏھن ته مرد ائين نٿو ڪري سگهي.ان اعتبار کان هو ڪمتر آھي.۽ انهيء ڪمتري عورتن تي مردن جي برتري قائم ٿيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي.ڪمتري جو احساس انهيء طريقي سان عمل ڪري ٿو.هو برتر هئڻ جو ڏيکاء ڪري ٿو.پنهنجو پاڻ کي ۽ سموري دنيا کي دوکو ڏيڻ جي لاء بس مرد صدين کان عورت جي جيئنيس.جوهرن ۽ صلاحيتن کي برباد ڪري رهيو آھي ته جيئن هو پنهنجو پاڻ کي برتر ثابت ڪري سگهي.پنهنجي ۽ دنيا جي سسمهون؛؛؛ڇوته عورت زندگي کي جنم ڏيئي ٿي.انهيء لاء نو يا وڌيڪ مهينن جي لاء اها مڪمل طور تي مرد جي محتاج ۽ ڪمزور رهي ٿي.مرد ان شيء کان نهايت ئي غليظ انداز ۾ فائدو ورتو آھي ۽ اهو هڪ نفسياتي فرق آھي.جنهن کان نهرحال ڪو فرق نٿو پوي. مرد عورتن کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي ڪري ٻڌائي ڪري هن کي مرد جي ٻانهي بڻائي ڪري ڪندڙ دنيا جي ثانوي شغري بڻائي ڪري هن جي نفسيات کي بگاڙي پڏيو آھي ۽ ان جو سبب اهو هو ته سماجي اعتبار کان وڌيڪ طاقتور هو. حقيقت ۾ جسماني طاقت ته حيوانيت جو جز هوندي آھي.جيڪڏھن برتري جو.تعين جسماني طاقت کان ئي هوندو آھي ته ڪو به جانور مرد کان وڌيڪ طاقتور هوندو.مگر حقيقي يقين موجود آھي ۽ اسان کي هٿرادو فرقن جي ڍيرن هيٺان انهن کي تلاش ڪرڻو پوندو ۽ ھڪ فرق جيڪو مون کي ڏيک ڏيئي ٿو.اهو هي آھي ته عورتً’ مرد جي ڀيٽ ۾ محبت ڪرڻ جي وڌيڪ اهليت رکي ٿي.مرد جي محبت گهٽ ۽ وڌ ھڪ جسماني ضرورت هوندي آھي.جڏھن ته عورت جي محبت جسماني ضرورت ناهي هوندي.عورت جي محبت جسماني ضرورت کان تمام مٿاهين.نهايت عظيم هوندي آھي.يعني اها روحاني وارڌات چئي سگهجي ٿي.اهوئي سبب آھي ته عورت هڪ شادي ڪرڻ واري هوندي آھي.جڏھن ته مرد گهڻيون شاديون ڪرڻ وارو هوندو آھي.مرد دنيا جي سمورين عورتن شادي ڪرڻ پسند ڪندو ۽ ان تي به هو مطمئن نه هوندو.ڇاڪاڻ ته هن جو عدم اطمينان لامحدود هوندو آھي.عورت هڪ محبت کان مطمئن ٿي سگهي ٿي.مڪمل طور تي آسودي.جنهن جو سبب اهو آھي ته اها مرد جي بدن کي نٿي ڏسي بلڪ ان جي انساني داخلي صفتن کي ڏسي ٿي.اها خوبصورت طاقتور پٺاڙن واري مرد سان محبت نٿي ڪري بلڪ اها ان مرد سان جيڪو خاصيتن صلاحيت جو مالڪ هوندو آھي….اهڙين خاصيتن جو جن کي بيان نٿو ڪري سگهجي.مگر بي پناه ڪشش رکي ٿي.اهو هڪ اسرار جي لائق هوندو آھي.جنهن تي عورت هن کي چاهي ٿي.عورت پنهنجي مرد کي صرف مرد ئي نٿي ڏسڻ چاهي بلڪ شعور جي دريافت جو هڪ ايڊوينچر ڏسڻ چاهي ٿي؛؛؛ جيستائين جنس جو تعلق آھي ته مرد نهايت ئي ڪمزور آھي.اهو صرف هڪ ڀيرو بستري ڪري سگهي ٿو.۽ اهو نهايت ئي پريشان ڪندڙ مامرو آھي.مرد جي لاء ضروري هوندي آھي.هن جي جنسي عضوون تائين محدود رهي ٿي.عورت جي سگه وڌيڪ هوندي آھي .جيڪا صرف هن جي جنسي عضوون تائين رهي ٿي.عورت جو سمورو بدن جنسي هوندو آھي.۽ اها مردن کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ وڏي گهري.گهڻي مالامال ڪرڻ واري وڌيڪ پرورش ڏيڻ واري خوبصورت تجربي کان گذري ٿي. باوجود الميو اهو آھي ته هن جي سموري بدن کي تحريڪ ڏيڻي پوي ٿي ۽ مرد کي ان ۾ دلچسپي ناهي.هن کي ڪڏھن ان ۾ دلچسپي ناهي رهي.هن صرف پنهنجي جنسي چڪتاڻ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لاء عورت کي جنسي حيثيت جي طور تي استعمال ڪيو آھي.مرد پلن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جيتري وقت ۾ مرد ختم ٿي ويو هوندو آھي.اوتري وقت ۾ عورت شروع به ناهي ٿيندي.جنهن وقت محبت ڪرڻ ختم ڪري ٿو .هو منهن ڦيرائي ٿو ۽ سوچي ٿوجنسي عمل هن کي ننڊ ڏيڻ ۾َ مدد ڏيئي ٿو.تمام گهڻي سڪون واري گهري ننڊ.ان کي جنسي عمل جي وسيلي سموري ڇڪتاڻ کان ڇوٽڪارو ملي وڃي ٿو.۽ عورت اهو ڏسي ڪري روئي ۽ رڙي ٿي.عورت کي استعمال ڪيو ويندو رهيو آھي.اها زندگي جي غليظ ترين ۡحقيقت آھي.عورت کي هڪ شيء هڪ ميڪنزم جي طور تي استعمال ڪرڻ ڪيتري غليظ ڳاله آھي.عورت پاڻ کي استعمال ڪرڻ تي مرد کي معاف نٿي ڪري سگهي.
عورت کي زندگي جو ساٿي بنائڻ جي لاء مرد کي جنسي عمل کان اڳ تياري جو عمل سکڻو پوندو.بستر ۾ وڃڻ تي تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي.مرد جي محبت کي هڪ فن بنائڻو پوندو.اهو هن جي لاء ڪا جڳه چونڊ ڪري سگهي ٿو.محبت جو هڪ پوڄاري جتي خوشبو وکيرڻ واريون اگربتيون ٻري رهيون هجن.اکين اڳيان تيز روشني جي بجاء صرف شمعون ٻري رهيون هجن. ۡ۽ مرد کي عورت کي صرف سکڻ گهرجي جڏھن عورت خوبصورت موڊ ۾ ھجي.خوش ھجي.ليڪن عمومي طور تي ٿيندو ڇا آھي ته مرد ۽ عورت محبت ڪرڻ کان اڳ وڙھن ٿا.ان سان محبت جهڪي ٿي وڃي ٿي.محبت هڪ قسم جو معاهدو آھي.جنهن کي ويڙھ ختم ڪري ڇڏي ٿي.گهٽ ۾ گهٽ ھڪ رات جي لاء اهو هڪ دوکو آھي.رشوت آھي؛؛؛؛
مرد کي ائين محبت ڪرڻ گهرجي جيئن مصور مصوري سان ڪري ٿو.يعني جڏھن هو محسوس ڪري ٿو ته تصوير ٺاھڻ جي خواهش هن جي دل کي ٽمٽار ڪري ڇڏيو آھي.تڏھن تصوير ٺاهي ٿو يا مرد کي ائين محبت ڪرڻ کپي جيئن شاعر شعر چئي ٿو يا موسيقار ساز وڄائي ٿو.عورت جي بدن کي هڪ ساز سمجهڻ گهرجي.۽ اها هڪ ساز ئي آھي.جڏھن مرد خوشيء محسوس ڪري رهيو هجي.تڏھن جنس محض سڪون حاصل ڪرڻ جو اصلي ننڊ سمهڻ جو طريقو ناهي هوندو.تڏھن جنسي عمل کان اڳ ان جي تياري ڪئي ويندي آھي.هو عورت سان گڏ ناچ ڪري ٿو.هو عورت سان گڏ گيت ڳائي ٿو.محبت جو پوڄاري خوبصورت سازن سان پڙاڏو ڪري رهيو هوندو آھي ۽ اها شروعات ٿيندي اعلي ترين شعور جي مظھر ڏانهن دروازي کلڻ جي.
محبت کي ڪڏھن جبري نه ٿيڻ گهرجي.محبت سان ڪڏھن زيادتي نه ٿيڻ گهرجي. ان کي ذھن ۾َ نه هئڻ گهرجي.توهان ته کيڏي رهيا آھيو.ناچ ڪري رهيا آھيو.ڳائي رهيا آھيو.خوش ٿي رهيا آھيو.ان ڊگهي لذت جو حصو.جيڪڏھن ائين ٿيئي ته اها خوبصورت هوندي آھي.جڏھن محبت ٿيندي آھي ته اها خوبصورت هوندي آھي.جڏھن ان کي بيڪار ڪيو ويندو آھي ته اها غليظ ٿيندي آھي.جڏھن محبت ۾ مرد مٿي ۽ عورت هيٺ ٿي ويندي آھي.ان کي،….سڏيو ويندو آھي.اوڀر ان گند کان خبروار ٿي چڪو هو ۽ مرد گهڻو ڳرو گهڻو ڊگهو ۽ گهڻو طاقتور آھي.اهو هڪ نازڪ وجود کي ڇٿي رهيو آھي.اوڀر ۾ جنسي عمل جو انداز سدائين مختلف رهيو آھي.؛عورت مٿان هوندي آھي.مرد جي وزن هيٺان دٻيل عورت ته چرپر به نٿي ڪري سگهي.صرف مرد چرپر ڪري ٿو.ان ڪري هو پلن جي اندر خالي ٿي وڃي ٿو.جڏھن ته عورت روئندي رهجي وڃي ٿي.عورت ساٿي ته رهي ٿي مگر اها ان عمل ۾ شريڪ نٿي رهي هن کي ته استعمال ڪيو ويو آھي.
جڏھن عورت مٿان هوندي آھي ته اها وڌيڪ چرپر ڪري سگهي ٿي.جڏھن ته مرد گهٽ چرپر ڪري سگهي ٿو ۽ اهي اٽڪل ٻئي گڏ گڏ خالي ٿين ٿا.۽ جڏھن ٻئي خالي ٿيڻ جي تجربي کان گذرن ٿا.ته اهو تجربو ڪنهن ٻئي دنيا جو هوندو آھي.اها اصل ۾ پهرين جهلڪ هوندي آھي ته انسان صرف بدن ناهي.اهو بدن کي وساري ڇڏي ٿو.دنيا کي وساري ڇڏي ٿو.مرد ۽ عورت ٻئي هڪ ئي انسان ۾ پوئيل هوندا آھن.جنهن کي هنن ڪڏھن به حاصل ناهي ڪيو هوندو. عورت ڪيترائي ڀيرا خالي ٿيڻ جي اهليت رکي ٿي.ان ڪري مرد کي جيترو ممڪن ٿيئي اوترو هوريان ٿيڻو پوندو.ان جي باوجود حقيقت اها آھي ته هو هر مامري ۾ ايترو تڪڙ ۾ ھوندو آھي ته هو ان سموري تعلق کي ئي برباد ڪري ڇڏي ٿو.هن کي نهايت سڪون ڀريو ٿيڻ گهرجي.ڇوته عورت ڪيترائي ڀيرا خالي ٿي سگهي ٿي.مرد کي پڇاڙي ۾ خالي ٿيڻ گهرجي.جڏھن عورت خالي ٿيڻ واري هجي ته اهو ساڌڙو سوڌڙو انڊر اسٽيڊنگ جو مامرو آھي. اهي آھن فرق….انهن کي پيدا ناهي ڪيو ويو.انهن کانسواء به فرق موجود آھن.مثال جي طور تي عورت مرد جي ڀيٽ ۾َ وڌيڪ سگهاري هوندي آھي.اها وڌيڪ بردبار.وڌيڪ شانت.وڌيڪ صابر هوندي آھي.اها وڌيڪ انتظار ڪرڻ جي لائق هوندي آھي.شايد انهن ئي خاصيتن جي سبب کان هن ۾ بيمارين جي مزاحمت وڌيڪ هوندي آھي. ۽ اها مرد کان وڌيڪ ڊگهي زندگي جيئي ٿي.عورت پنهنجي جي ابب کان پنهنجي نزاڪت وثفاست جي سبب کان مرد جي زندگي کي بي انتها آسودگي ڏئي سگهي ٿي.هوء مرد جي زندگي جي چوڌاري نهايت سڪون بخشيندڙ ماحول پيدا ڪري سگهي ٿي.مگر ڇا ڪيو وڃي ته مرد ڪمزور آھي.اهو عويت جي گهيري ۾ اچڻ نٿو چاهي.اهو ان کي پنهنجي چوڌاري حرارت ڀريل ماحول واري ماحول کي تخليق ڪرڻ ٿو ڏيئي.هو خوفزده آھي.ڇاڪاڻ ته ان ريت هو محتاج ٿي ويندو.بس مرد صدين کان عورت کي هڪ مفاصلي تي رکي رهيو آھي ۽ اهو خوفزده آھي.ڇوته هو هن ڳاله کان خوب واقف آھي ته عورت هن کان گهڻي وڌيڪ آھي.اها زندگي کي جنم ڏئي سگهي ٿي.فطرت مرد جي بجاء عورت کي تخليق جي لاء چونڊيو آھي. تخليق جي عمل ۾ مرد جو ڪردار اٽڪل بلڪل ناهي.ان ڪمتريء سڀ کان وڏو مسئلو پيدا ڪيو.مرد عورت جا پر ڪٽڻ شروع ڪيا.ان هر طريقي سان عورت کي گهٽائڻ جي لاء هن جي بيعزتي ۽ توهين ڪرڻ جون ڪوششون ڪري ڇڏيون ته جيئن گهٽ ۾ گهٽ هن کي يقين ٿي سگهي ته هو برتر آُھي.هو عورتن سان جانورن جهڙو بلڪ ان کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪندو رهي ٿو.چين ۾ هزارين سالن کان اهو خيال موجود آھي ته عورت جو روح ناهي هوندو.بس مرد کيس کي قتل ڪري سگهي ٿو ۽ قانون ڪا مداخلت نه ڪندو.اها هن جي ملڪيت جو آھي.جيڪڏھن مرد پنهنجي فرنيچر ٽوڙڻڻ چاهي ته اهو اهو عمل غيرقانوني ته نه ٿيو نه؟جيڪڏھن هو پنهنجي عورت کي مارڻ چاهي ٿو ته به اهو عمل غير قانوني ناهي.اها آھي غليظ بيعزتي ته عورت کي روح ناهي هوندو.مرد عورت کي تعليم کان .مالي آزادي کان محروم رکيو.هو ڄاڻي ٿو ته عورت برتر آھي.هو ڄاڻي ٿو ته عورت خوبصورت آھي.هو ڄاڻي ٿو ته عورت کي آزادي ڏيڻ سان خطرو پيدا ٿي ويندو.بس صدين تائين عورت کي آزادي نه ڏني وئي.جن ملڪن ۾ عورت کي پنهنجو چهرو به لڪائي رکڻو تو پوي ته جيئن هن جي مڙس کان سواء هن جي چهري جو حسن.هن جي اکين جي اونهائي نه ڏسي سگهي. هندومت ۾ عورت کي پنهنجي مڙس جي مرڻ تي ان سان گڏ مرڻو پوندو هو.ڪيترو گهڻو ساڙ هو؛توهان عورت کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ پنهنجي ملڪيت ۾ رکيو ۽ مرڻ کانپوء به هن کي پنهنجي ملڪيت ۾ رکڻ چاهيو ٿا.توهان خوفزده آھيو.ھوء خوبصورت آھي ۽ جڏھن توهان هليا ويندو ته ڪهڙي خبر؟ٿي سگهي ٿو ته اها ڪو ٻيو ساٿي ڳولي وٺي.شايد توهان کان بهتر ساٿي بس ستي جي رسم هزارين سال موجود رهي.اها نهايت غليظ رسم هئي. مرد نهايت ئي انا پرست آھي ۽ مان ان کي مرداڻي شائونيت پرست سڏيان ٿو.مرد ان معاشري کي ٺاهيو آھي.۽ ھڪ معاشري ۾ عورت جي ڪا جڳه ناهي.جڏھن ته اها نهايت حيرت ڪندڙ ڳاله آھيخاصيت جي مالڪ آھي.مثال جي طور تي جيڪڏھن مرد ذھني امڪان جو مالڪ آھي ته عورت محبت جي امڪان مالڪ آھي.ان جو اهو مطلب ناهي ته اها ۽ اهليت جي مالڪ نٿي ٿي سگهي.اها ڏاهپ ۽ ذھنيت جي مالڪ ٿي سگهي ٿي.هن کي ته حسين ذھن وڌائڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.ان هوندي محبت جي صفت ته عورت جي پيدائشي آھي.اها وڌيڪ همدردي .وڌيڪ مهرباني ۽ وڌيڪ انڊراسٽيڊنگ جي مالڪ هوندي آھي.مرد ۽ عورت هڪ هڪ ساز جون ٻه تارون آھن.مگر ٻئي هڪ ٻيئي کان الڳ الڳ اذيتون ڀوڳي رهيا آھن.؟ڇاڪاڻ ته اهي اذيتن جا شڪار آھن. ان ڪري هنن هڪ ٻيئي کان بدلو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي. عورت هڪ زنده معاشرو تخليق ڪرڻ ۾ وڌيڪ مددگار ٿي سگهي ٿي.اها مرد کان مختلف ته ناهي.مگر غير برابر ناهي.هوء مرد جيان برابر آھي.هو پنهنجي منفرد صفتن ۽ صلاحيتن جي مالڪ آھي.جيڪي نهايت ئي ضروري آھن.صرف پئسو ڪمائي وٺڻ ئي ڪافي ناهي.دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺڻ ئي ڪاميابي ناهي.وڌيڪ ضروري آھي ته هڪ خوبصورت صلاحيت جي مالڪ آھي ته اها ڪنهن به مڪان کي گهر ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي.اها ان کي محبت سان ڀري سگهي ٿي.اها مرد کي ٻيهر نوجوان ڪري سگهي ٿي.۽ ان کي سجون ڏيڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. اپشند ۾ نئين شادي شده جوڙن جي لاء نهايت ئي عجيب قسم جو آشيرواد موجود آھي.هڪ نئون شادي شده جوڙو اپشند جي خالق وٽ وڃڻ جي لاء ان کان آشيرواد گهري ٿو.جيڪو خاص طور کان ڇوڪريء سان ئي ملي ٿو۽ اپشند کيس چئي ٿو“مون کي اميد آھي ته تون ڏھن ٻارڙن جي ماء ٿيندينء ۽ تنهنجو مڙس تنهنجو يارهون ٻار بڻجي ويندو.۽ جيستائين تون پنهنجي مڙس جي ماء نٿي بڻجي وڃين تون هڪ سچي زال بنجڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندينء.“ آشيرواد ته نهايت بيڪار آھي.مگر ان ۾ ھڪ نفسياتي بصيرت موجود آھي.ان جو سبب اهو آھي ته جديد نفسيات ۾ اهوئي ڪجه حاصل ڪري ٿي ته هر مرد عورت ۾ پنهنجي ماء کي ڳولي رهيو آھي.۽ ھر عورت مرد ۾ پنهنجو پيء تلاش ڪري رهي آھي. اهوئي سبب آھي ته هر شادي ناڪام آھي.توهان پنهنجي عورت سان شادي ڪئي آھي.اها توهان جي ماء بنجڻ جي اميد ڪندڙ ناهي بلڪ اها ته توهان جي زال بنجڻ جي خواهشمند آھي.محبوبا بنجڻ جي اميد ڪندڙ آھي.مگر اپشند جو آشيرواد اٽڪل 5000يا 6000سال پراڻو آشيرواد جديد نفسيات جي بصيرت ڏيئي ٿي.هڪ عورت چاهي اها ڪجه به هجي.بنيادي طور تي ماء ھوندي آھي.پيء ھڪ ايجاد ڪندڙ ادارو آھي.ليڪن اهو فطري ناهي.ان هوندي رهندي. اهي تجربا ڪري ڇڪا آھن.هنن ٻارڙن کي سموريون سهوليتون.دوائون.۽ خوراڪون ڏنيون.سائنس جي مختلف شاخن کان هر ڪامل شيء ميسر ڪئي.مگر عجيب ڳاله اها آھي ته ٻار ڪمزور ٿي رهيا هئا۽ ٽن مهينن جي اندر مري ويندا هئا.تڏھن انهن کي پتو پيو ته زندگي کي واڌ ڏيڻ جي لاء ماء جي بدن ۽ ان جي حرارت جي ضرورت هوندي آھي.ٻي صورت ۾ ٻارساڻو محسوس ٿيندو.ڪمزور ٿيندو ۽ مري ويندو.
مرد کي عورت کان ڪمتر سمجهڻ جي ڪا ضرورت ناهي.اهو سمورو تصور ئي ان لاء جنم وٺي ٿو.ڇاڪاڻ ته توهان مرد ۽ عورت کي ٻن قسمن جي اکين سان ڏسو ٿا.ليڪن اهي ٻئي هڪ ئي قسم جي انسان سان تعلق رکن ٿا.۽ ٻئي اعلي صفتن جا مالڪ آھن.ٻنهيء کي هڪ ٻيئي جي ضرورت آھي ۽ اهي صرف تڏھن ئي مڪمل ٿين ٿا.جڏھن هڪ هوندا آھن.زندگي کي ڍنگ سان وٺڻ گهرجي.فرق ٽڪراء ناهن هوندا .اهي هڪ ٻيئي جي مدد ڪري سگهن ٿا.۽ ھڪ ٻيئي کي بي پناه ڏئي سگهن ٿا.عورت جيڪا توهان سان محبت ڪري ٿي.جنهن جو توهان خواب ۾ به ڪڏھن تصور نه ڪيو هوندو.۽ اها ڪجه به ته نٿي گهري.هن کي صرف توهان جي محبت جي خواهش هوندي آھي.جيڪو هن جو بنيادي حق آھي.
اهڙيون ڪافي سٺيون شيون.جيڪي مرد ۽ عورت کي مختلف بڻائين ٿيون.هٿرادو آھن.فرق موجود رهڻ گهرجي .ڇوته اهي مرد ۽ عورت کي هڪٻئي جي لاء ڪشش وارو بڻائين ٿا.باوجود ان کي بيعزتي جي لاء استعمال نه ڪيو وڃي.مان مرد ۽ عورت ٻنهيء جو چاهيندڙ بڻجي وڃڻ پسند ڪندس.ائين ته اهي هڪ وقت ڪامل طور تي آزاد رهن.ان جو سبب اهو آھي ته محبتون پابنديون ناهي هڻندي بلڪ اها ته آزادي ڏيندي آھي.ان ريت اسان هڪ بهتر دنيا تخليق ڪري سگهون ٿا.اڌ دنيا کي شريڪ ٿيڻ کان سدائين روڪيو ويندو رهيو آھي.جڏھن ته اهو اڌ يعني عورتون دنيا کي گهڻو ڪجه ڏيڻ جي اهليت رکن ٿيون.جيڪڏھن ائين ٿيئي ته هيء دنيا خوبصورت جنت بڻجي ويندي.
عورت پنهنجي تخليقي امڪانن کي پاڻ پنهنجي روح ۾ ڳولڻ گهرجي. ۽ انهن کي ترقي ڏيڻ گهرجي ته اها خوبصورت مستقبل حاصل ڪندي.مرد ۽ عورت نه ته برابر آھن ۽ نه ئي غير برابر بلڪ اهي ته منفرد آھن ۽ ٻنهيء منفرد هستين جو ميلاپ ڪنهن معجزي واري اثر رکندڙ شيء کي وجود ۾ آڻي سگهي ٿو.
“اوشو(گرورجنيس جي عورت جي باري ۾ ڪيل ليڪچرز منجهان ترجمو ڪيل(

پهنجو تبصرو موڪليو