عورت تي تشدد ڪرڻ جي ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ

عورت تي تشدد ڪرڻ جي ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ

شڪارپور(ن س) ايڊيشنل سيشن جج گهر ۾ گهري عورت ۽ سندس معصوم ڌيءَ تي بي رحماڻي تشدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 4 جوابدارن کي مختلف قلمن هيٺ 13 سال قيد ۽ 6 لک 90 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. اسٽيورٽ گنج ٿاڻي تي 2024 ۾ داخل ايف آءِ آر موجب مک جوابدارن خالده سولنگي جي گهر ۾ گهڙي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش دوران ٻين ساٿين سان گڏجي عورت ۽ سندس ڌيءَ تي سخت تشدد ڪيو هو. ايڊيشنل سيشن جج سميع الله قريشي ڌرين جي وڪيلن ۽ سرڪاري وڪيل جي موقف ٻڌڻ بعد اختيار پٽ حاڪم علي، سيف الله عرف عاشق علي عرف ببلو پٽ عبدالمجيد، لطف الله پٽ لال بخش ۽ قربان علي ولد غلام محمد کي مٿي ڄاڻايل سزا ٻڌائيندي ٻين جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته انساني حقن جي ڪميشن موجب پاڪستان ۾ ’جينڊر بيسڊ وايوليشن‘ جي ڪيسن ۾ سزا جي شرح تمام گهٽ آهي. اهڙن ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ملڻ معاشري لاءِ سٺو سنوڻ سمجهو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو