اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صنفي بنياد تي تشدد کي قومي ايمرجنسي قرار ڏيڻ جي اپيل ڪندي، عورت مارچ جي منتظمين خميس ڏينهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 8 مارچ تي ملهائجندڙ عالمي عورتن جي ڏينهن تي عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي. نيشنل پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل هڪ پريس ڪانفرنس ۾، سماجي ڪارڪنن، جن ۾ ڊاڪٽر فرزانه باري، هدا ڀرڳڙي ، نشاط مريم، زينب جميل ۽ جيا جَگي شامل آهن، انساني حقن، سماجي انصاف ۽ ماحولياتي خدشن کي حل ڪرڻ لاءِ مطالبن جو هڪ سيٽ پيش ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته عورتن خلاف تشدد، ٻاراڻي عمر ۾ شادين، گهريلو تشدد خلاف ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي. هنن ٽرانسجينڊرز جي حقن بابت قانون تي مڪمل عمل ڪرڻ، بلاسفيمي واري قانون جو اقليتن خلاف غلط استعمال روڪڻ لاءِ به حڪومت فوري اپاءَ وٺي.










