عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر

عنبرين جان وفاقي سيڪريٽري اطلاعات و نشريات مقرر

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت انفارميشن گروپ جي گريڊ 21 جي سينيئر آفيسر عنبرين جان کي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي،ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن عنبرين جان جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفيڪيشن موجب عنبرين جان اطلاعات واري وزارت جي پرڏيهي پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي.عنبرين جان کي سول سرونٽ ايڪٽ 1973 جي سيڪشن 10 تحت مقرر ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو