عمران خان پارليامينٽ کي رڳو اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهي ٿو: شيري رحمان

عمران خان پارليامينٽ کي رڳو اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهي ٿو: شيري رحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته عمران خان پنهنجي تڪ جي نمائندگي کان به ڀڄي چڪو آهي، هو پارليامينٽ کي رڳو اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهي ٿو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيري رحمان چيو ته عمران خان قومي اسيمبلي جي 7 سيٽن تي ضمني چونڊ وڙهي رهيو آهي جنهن تان هن استعيفيٰ ڏني.شيري رحمان جو چوڻ آهي ته عمران خان 7 نشتن تي چونڊ وڙهندي پنهنجي پارٽي اڳواڻن ۽ ووٽرن جي توهين ڪري رهيو آهي.هن چيو ته هو جنهن عوام جي مينڊيٽ جي دعويٰ ڪن ٿا، 7 سيٽن تي اليڪشن وڙهندي ان مينڊيٽ جي توهين ڪري رهيا آهن.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته ووٽ صرف ان اميدوار کي ڏنو وڃي جيڪو پارليامينٽ ۾ سندن نمائندگي ڪري ۽ سندن آواز بڻجي سگهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هي پارليامينٽ اچڻ چاهي ٿي ته ڪرسي جي اميد آهي، عوام کي گذارش آهي ته عمران خان کي ووٽ ڏئي پنهنجو ووٽ ضايع نه ڪن.هنن اهو به چيو ته ووٽ آئيني حق ۽ ذميواري آهي، ووٽ جو استعمال پنهنجي ۽ پنهنجي حلقي جي ڀلائي لاءِ سوچيو.

پهنجو تبصرو موڪليو