عمران خان فوج بابت بيان جي وضاحت ڪري، صدر علوي

عمران خان فوج بابت بيان جي وضاحت ڪري، صدر علوي

اسلام آباد(بيورو) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عمران خان پاڻ وضاحت ڪري ته سندس بيان جو مقصد ڇا هو، پردي پويان مفاهمت لاءِ ڪم ڪري رهيو آهيان، ڪوشش ڪريان پيو ته اسٽيڪ هولڊرز ۾ غلط فهميون ختم ٿين صدر عارف علوي چيو آهي ته آرمي چيف سوڌو سموري فوج جي حب الوطني تي شڪ نٿو ڪري سگهجي، موجوده حڪومت سوڌو سمورا ادارا محب وطن آهن هن چيو ته ٻوڏ سڄي پاڪستان ۾ تباهي مچائي آهي، فوج ٻوڏ ۾ به عوام لاءِ ڪم ڪيو آهي وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي ايجندا تي هلي رهيو آهي، عمران خان فوج ۽ اُن جي قيادت تي گند اُڇلڻ ۾ ملوث آهي

پهنجو تبصرو موڪليو