عمران خان جي ادارن خلاف مهم……. مقصد ڇا آهي؟

عمران خان جي ادارن خلاف مهم……. مقصد ڇا آهي؟

شرجيل انعام ميمڻ
وزير اطلاعات , ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ سنڌ حڪومت
پهرين آگسٽ 2022 تي بلوچستان ۾ پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر جي گم ٿيڻ جي خبر سامهون آئي ته سڄي ملڪ ۾ ڳڻتي واري لهر ڇائنجي وئي. پوري پاڪستاني قوم هيلي ڪاپٽر ۾ سوار پاڪ فوج جي اعليٰ آفيسرن جي خيريت لاءِ
ايئن دعائون گهري رهي هئي، جيئن ڪو پنهنجي پيارن لاءِ ڪندو ھجي. پر اھي پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ۽ حمايتي ئي ھئا، جيڪي ان واقعي جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي انتهائي بي رحم، شرم جوڳي ۽ نفرت سان ڀريل مهم هلائيندا رھيا. پاڪ فوج خلاف تحريڪ انصاف جي ان مهم ٻئي ڏينهن زور ورتو، جڏهن خبر آئي ته هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سمورا آفيسر شهيد ٿي ويا.
پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين ناھي ٿيو ته ڪنهن سياسي جماعت فوج ۽ ٻين رياستي ادارن خلاف اهڙي منظم مهم ھلائي هجي. ان گندي مهم سان شهيدن جي سوڳوار خاندانن کي ڪيترو ڏک پهتو هوندو، ان جو اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو. ان تي پاڪ فوج جي ترجمان سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ وفاقي حڪومت مهم هلائيندڙن ۽ انهن جي سرپرستن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو. پي ٽي آءِ قيادت اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن مهم سان انھن جو ڪو به واسطو ناهي. اهو عوام جو پنھنجو ردعمل آهي. ان کان اڳ مخالف سياسي اڳواڻن سان ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ بدتميزي جي مختلف واقعن جي حوالي سان به پي ٽي آءِ قيادت اهو تاثر ڏيندي رهي آهي، ته انهن واقعن سان پي ٽي آءِ جو ڪو به تعلق ناهي ۽ اهي عوامي رد عمل جو نتيجو آهن، پر مسجد نبوي صه ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، ان مان تہ ثابت ٿي ويو، ته اهڙا واقعا پي ٽي آءِ جي منظم مهم جو حصو آهن. جڏهن حرم نبوي صه جي حرمت جي ڀڃڪڙي، مقدس جاء تي بدتميزي ڪندڙ ماڻهن کي سعودي عرب جي حڪومت گرفتار ڪيو ته معلوم ٿيو تہ جي جهوريندڙ واقعي ۾ ملوث ماڻھون پي ٽي آئي جا ڪارڪن آھن. جاچ دوران اھا بہ ڳالھ ظاھر ٿي تہ ان واقعي جي رٿابندي ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ برطانيا مان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي سعودي عرب اماڻيو ويو. انهيءَ نام نهاد ”عوامي رد عمل“ کي ڏيکارڻ لاءِ اربين ۽ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا ھئا. ساڳئي ريت جڏهن بلوچستان جي لس ٻيلي واري علائقي ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي کانپوءِ پاڪ فوج جي خلاف ھلندڙ سوشل ميڊيا مهم بابت جاچ ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته اھو به عوامي ردعمل نه پر پي ٽي آءِ جي منظم مهم جو حصو آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف انڪشاف ڪيو آهي ته هي مهم پي ٽي آءِ ۽ ڀارت جو گڏيل منصوبو هو. پاڪستان ۾ 529 سوشل ميڊيا اڪائونٽس، ڀارت ۾ 18 ۽ ٻين ملڪن ۾ 33 اڪائونٽس مختلف نالن سان هي مهم هلائيندا رهيا. هاڻي سڀ راز پڌرا ٿي رهيا آهن ۽ ڪڙيون ڪڙين سان ملي رهيون آهن. عمران خان جي ويجھي ساٿي شهباز گِل جو پاڪ فوج بابت مذمتي بيان به ان مھم کان پوءِ سامهون آيو . جنھن جو مطلب ته پڌري پٽ آھي ته ھي سڀ ڪجھ شعوري طور ڪيو پيو وڃي. عمران خان جي فوج، عدالت، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين رياستي ادارن خلاف ڳالھايل ٻولي جي باري ۾ تہ دنيا ڄاڻي چڪي آهي ته هي ڪو احمقاڻو يا جذباتي ردعمل نه پر هڪ سوچيل سمجهيل اسڪيم تحت ٿي رهيو آهي. هاڻي اهو راز به پڌرو ٿي چڪو آهي ته عمران خان دنيا جي انهن چند ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي تمام وڏي بجيٽ سان وڏي پئماني تي سوشل ميڊيا مهم هلائيندا آهن ۽ صبح جو جاڳندي ئي پنهنجي سوشل ميڊيا ٽيم کي هدايتون ڏئي ڇڏيندا آھن، ته اڄ ڪھڙو ”ٽرينڊ“ ھلائجي.؟ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ مواد به عمران خان، بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ جا ڪجهه ٻين ماڻهن پاران ڏنل ھوندو آهي. ان ۾ ذري برابر شڪ ناهي رھيو ته ادارن خلاف عمران خان سندس ساٿين ۽ پروپيگنڊا مشينري طرفان جيڪو ڪجھ بدتميزي جو طوفان برپا ڪيو پيو وڃي ، اهو هڪ شعوري رٿابندي ۽ منظم مهم جو حصو آهي.تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي ، ته ڪيئن نه ننڍا ماڻهو جارحاڻي ۽ ڪوڙي پروپيگنڊا ذريعي پاڻ کي وڏو بڻائي ڇڏين ٿا. روس جي راسپيوٽن گريگوري کان وٺي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندرا مودي تائين ڪيترن اهڙن ماڻهن جا مثال ڏئي سگهجن ٿا، جيڪي ظالماڻي پروپيگنڊا جي پيداوار آهن. عمران خان به انهن مان هڪ آهي. ڊونلڊ ٽرمپ ۽ مودي به پاڻ کي ’هيرو‘ بنائڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو. هنن پنهنجي پروپيگنڊا مهم ذريعي نفرت کي اڀاريو ۽ ماڻھن جي جذبن سان پنھنجا مقصد حاصل ڪيا. هنن پنهنجي مهم ذريعي اعليٰ اخلاقي قدرن کي تار تار ڪيو، پر هنن جي مهم جو مقصد پنهنجي ذات لاءِ طاقت حاصل ڪرڻ هو. پر راسپيوٽن ۽ مودي ڪڏهن به رياست جي اھم ادارن کي نشانو نه بڻايو. ٻئي پاسي عمران خان آھي جنھن جي پروپيگنڊا مهم جو مقصد ۽ ٽارگيٽ ان کان گهڻو اڳتي آهي. عمران خان رياستي ادارن سان گڏ سياسي جماعتن کي به نشانو بڻايو. سياسي جماعتون به ادارن جيان آهن، جيڪي ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ٻين ادارن وانگر اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. عمران خان جن سياسي جماعتن کي نشانو بڻائي رهيو آهي، انهن سياسي جماعتن مارشل لا خلاف پرامن جمهوري جدوجهد ضرور ڪئي، پر نه فوج سان ٽڪراءَ جو رستو اختيار ڪيو ۽ نه ئي ماڻهن کي فوج خلاف ڀڙڪايو، ڇاڪاڻ ته انهن سياسي پارٽين جي قيادت حقيقت کان واقف آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ئي آهي، جيڪا پاڪستان خلاف ٻاهرين اڳرائيءَ جو مقابلو ڪري سگهي ٿي. اھي جماعتون ان جي حق ۾ آھن تہ فوج جي اداري کي مضبوط ھجڻ گھرجي. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي کانپوءِ عمران خان جي ادارن خلاف شعوري ۽ منظم مهم جا خطرناڪ مقصد پڌرا ٿي چڪا آهن. پرڏيهي فنڊنگ بابت ھوش اڏائيندڙ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن. فنڊ گڏ ڪرڻ وارن جا واسطا آمريڪا ۽ برطانيا جي ڳجھن ادارن سان ملي رھيا آھن . هاڻي اهو به چيو پيو وڃي ته عمران خان ٽين دنيا جي ڪنهن بہ ملڪ لاءِ پرڏيهي طاقتن جو سڀ کان مهانگو ”سياسي منصوبو“ آهي، جنهن تي اربين ڊالر خرچ ڪيا ويا. ڀارت جا ٽي وي اينڪرز ان ڳالھ تي خوش آهن ته عمران خان پاڪستاني فوج ۽ ٻين ادارن خلاف جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو ڀارت اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود به نه ڪري سگهيو آهي. انهن ڀارتي ٽي وي اينڪرز کي خبر هئڻ گهرجي ته ڀارت ۽ ٻين ملڪن جي ”بااثر ماڻهن“ عمران خان تي اربين رپيا نه پر اربين ڊالر خرچ ڪيا آهن. جيڪي ماڻھو ايترو وڏو سرمايو لڳائي رهيا آهن، اھي بہ ڪجھ حاصل ڪرڻ چاهيندا ھوندا. عمران خان جي رياست ۽ سياسي ادارن خلاف مهم کي صرف ان ئي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ ان جو ازالي لاءِ ھاڻي کان ئي ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو