اسلام آباد (بيورو) عدالت مبينه ڌانڌلي ڪيس ۾ علي حيدر گيلاني سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جج اميد علي بلوچ سمورن جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.عدالت اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي حيدر گيلاني، پي ٽي آءِ اڳواڻ فهيم خان ۽ ڪيپٽن (ر) جميل جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جنهن تي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ سينيٽ چونڊن ۾ ڌانڌلي واري ڪيس ۾ فرد جرم هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










