علي بابا نئين چپ متعارف ڪرائي ڇڏي

علي بابا نئين چپ متعارف ڪرائي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)علي بابا گروپ اربع ڏينهن هڪ نئون AI چپ “Zhenwu M890” متعارف ڪرايو آهي، جيئن چيني ٽيڪنالاجي ديو آمريڪي برآمدي پابندين جي سخت ٿيڻ جي وچ ۾ اينويڊيا جي پروسيسرن جا ملڪي متبادل تيار ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري رهيو آهي۔
هي چپ، جيڪا علي بابا جي سيميڪنڊڪٽر ڊيزائن واري ذيلي اداري “T-Head” تيار ڪئي آهي، پنهنجي اڳئين ورزن “Zhenwu 810E” جي ڀيٽ ۾ ٽي ڀيرا وڌيڪ ڪارڪردگي ڏئي ٿي۔ اها خاص طور تي AI “ايجنٽن” لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، جيڪي اهڙا سافٽ ويئر سسٽم آهن جيڪي محدود انساني نگراني سان پيچيده ۽ گهڻ مرحلا ڪم سرانجام ڏئي سگهن ٿا۔
علي بابا جو چوڻ آهي ته نئون پروسيسر ايجنٽ بيسڊ ڪم جي ڳري ميموري ۽ رابطي جي ضرورتن کي بهتر نموني سنڀالي سگهي ٿو، جتي ماڊلز کي ڊگهي وقت تائين معلومات محفوظ رکڻي پوي ٿي ۽ هڪ ٻئي سان حقيقي وقت ۾ هم آهنگي ڪرڻي پوي ٿي۔
ڪمپني هڪ گهڻ سالن تي ٻڌل چپ روڊ ميپ پڻ پيش ڪيو، جنهن موجب M890 کان پوءِ 2027 جي ٽئين ٽه ماهي ۾ “V900” نالي جانشين چپ متعارف ڪرائي ويندي، جڏهن ته 2028 جي ٽئين ٽه ماهي ۾ “J900” نالي وڌيڪ جديد چپ آندي ويندي۔ علي بابا موجب V900، M890 جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ٽي ڀيرا وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيندي، جيڪو ڪمپني جي مسلسل اندروني سليڪون اپگريڊ حڪمت عملي کي ظاهر ڪري ٿو۔
هي منصوبو چين جي وڌندڙ ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن تحت ملڪ اندر تيار ڪيل AI چپس پيدا ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته واشنگٽن چين لاءِ آمريڪي طاقتور پروسيسرن جي وڪري تي پابنديون لڳائي رهيو آهي۔ اهو اعلان گذريل سال هواوي جي ساڳئي نوعيت واري اعلان کان پوءِ سامهون آيو آهي۔
هانگزو ۾ قائم علي بابا گذريل سال اعلان ڪيو هو ته هو ٽن سالن دوران ڪلائوڊ ۽ AI انفراسٽرڪچر تي 380 ارب يوان (53 ارب ڊالر) کان وڌيڪ خرچ ڪندو، جيڪو هن شعبي لاءِ سندس تاريخ جو سڀ کان وڏو واعدو آهي۔
هي سيڙپڪاري چين جي ٽيڪنالاجي صنعت جي وسيع سوچ کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن مطابق جيئن ادارا ايجنٽ بيسڊ ايپليڪيشنون اختيار ڪندا ويندا، تيئن AI ڪمپيوٽنگ پاور جي طلب به تيزي سان وڌندي رهندي۔
علي باباپنهنجي سالياني “علي بابا ڪلائوڊ سمٽ” دوران هي چپ متعارف ڪرائي، جتي هن “Panjiu AL128” نالي هڪ نئون سرور سسٽم پڻ پيش ڪيو، جيڪو هڪ ئي ريڪ ۾ 128 ايڪسيلريٽرز کي گڏ ڪري ٿو۔
هي سسٽم فوري طور تي چيني ڪاروباري گراهڪن لاءِ علي بابا ڪلائوڊ جي ملڪي ماڊل پليٽفارم “Bailian” ذريعي دستياب آهي۔
T-Head جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين 560,000 کان وڌيڪ Zhenwu يونٽس موڪليا ويا آهن، جڏهن ته گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنين ۽ مالي خدمتن واري ادارن سميت 20 مختلف صنعتن جي 400 کان وڌيڪ ٻاهرين گراهڪن هنن چپس کي استعمال ۾ آندو آهي۔
“Qwen 3.7-Max” جو پڻ علي بابا اعلان ڪيو، جيڪو سندس وڏي لئنگويج ماڊل جو جديد ورزن آهي۔ ڪمپني موجب هي ماڊل جديد ڪوڊنگ ۽ ڊگهي عرصي تائين هلندڙ ايجنٽ ٽاسڪن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، ۽ اهو ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي کان سواءِ لڳاتار 35 ڪلاڪن تائين ڪم ڪري سگهي ٿو۔

پهنجو تبصرو موڪليو