عقل چنڊ جيان _شعورتارن جيان ۽ تعليم سج جيان آھي

عقل چنڊ جيان _شعورتارن جيان ۽ تعليم سج جيان آھي

طفيل مگسي
انسان جنهن کي پنهنجي رب ڪريم پنهنجين اڪيچار نعمتن سان نوازيو آھي يعني هن نٽيء جي پتلي ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ گڏ ئي هن کي پنهنجي غقل وشعور جي بيشمار دولت سان نوازيائين ۽ ھن جي مٿي تي عظمتن جو تاج پڻ رکيائين. فرشتن کان سجدو ڪرائڻ جو مرتبو ڏنائين .مقصد ته رب ڪريم جي انهن بيشمار نوازشن منجهان عقل و شعور سڀ کان وڏي نوازش آھي ۽ ان جو انسان جيترو به شڪر ادا ڪري اهو نهايت ئي گهٽ آھي.رب ڪريم جي نوازشن جا سلسلا ڪيترا نه خوبصورت ۽ ۡحسين آھن.هي عنوان جيتوڻيڪ نهايت اهم آھي ۽ هن اهم موضوع تي قلم جا ڌڻي پنهنجي قلم جي وسيلي وقتي سوچ جي مطابق اهميت بيان ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن ٿا..
ان ڪري منهنجي به اميد آھي ته آء پنهنجي سوچ جي مطابق ڪجه نه ڪجه لکان.بيان جو انداز بيشڪ گهڻو لطف سان ٽمٽار آھي.ليڪن اميد مختصر آھي.مگر سوچ طوفاني ضرور آھي.اها آھي ته شعور و فڪر جي بيداري علم.کان ئي حاصل ٿيئي ٿي ۽ علم جيڪو هڪ اهڙو سمنڊ آھي.جنهن جو ڪو ڪنارو ئي ناهي ۽ علم جي نعمت اها عظيم نعمت آھي جيڪا انسان جي ڪردار جي تعمير و تربيت ۽ ڳڻن و اوڳڻن ۾ چٽي خوبصورتي پيدا ڪري ٿي.اها ڳاله پڻ روز روشن جيان چٽي آھي ته انسان حقيقت کان خبروار ٿي ڪري شوق جي مقام جي دروازن ۾ ليئا پائي ڪري مقصد واري منزل تائين پهچ حاصل ڪري ٿو.هن جون اميدون گهٽ ۽ مقصد وڌيڪ هوندا آھن.انسانيت جي معراج کان ڄاڻ سچائي جي جذبي کان انسان جي قابليت به شعور جي بيداري کان جنم وٺي ٿي.ڪامل انسان جي سيرت ۽ تعميري ڪردار ۾ علم جي اهميت حقيقت آھي.تعليم و تربيت کان منزل ملي ٿي.شعور و فڪر جي بيداري کان سوق جو مقام پيدا ٿيئي ٿو.حياتي جي راز جي تشريح ٿيئي ٿي.بلند حوصلن کي طاقت ملي ٿي.جڏھن شعور بيدار ٿيئي ٿو ته انسان هر شيء کان بي نياز ٿي ڪري پنهنجي رب جي رضامندي جي تلاش ڪري ٿو.سڪون حاصل ٿيئي ٿو.عزت و احترام جي سچائي حاصل ڪري ٿو.شعور و فڪر انسان جي ننڊڙاکين صلاحيتن کي بيدار ڪري ٿو.هي ڪائنات جيڪا خوش رنگ ۡ۽ حسن و جمال جي صفت آھي کي چٽو ڪري ٿي.هن وقت شعور جي بيداري جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آھي.ڇاڪاڻ ته انسانيت دشمن سامراجي طاقتون محڪوم و مظلوم طبقن جون ويري بڻيل آھن.انهن جي خلاف شعو و فڪر جي بيداري کان ڪم وٺڻ جي اشد ضرورت آھي.ديس جي محبت ۽ ان جون گهرجون شعور جي بيداري سان عالم آشڪار هونديون آھن.غلامي کان چوٽڪارو.حياتي جو فلسفو .ڪائنات جي تخليق جو راز ۽ زندگي جي حقيقت ان ريت چٽي ٿي وڃي ٿي ته انسان ڪمال جي بلندين کي ڇهي ٿو ۽ شوق واري مقام جا مرحلا طئي ڪري وٺي ٿو.شعور جي بيداري کان ئي انسان جي زندگي جي سطح واري مشعل روشني وکيري ٿي.اونداهيون ختم ٿين ٿيون ۽ چانڊوڪيون روشني پکيڙن ٿيون. عاجزي جو شوق ۽ اميد جو شوق عشق جي بلندين تائين پهچائي ٿو.نيڪ سيرت ۽ اخلاقيات کان انسان مقصد جي منزل تائين پهچي ٿو.عاجزي.نوڙت و نيازي جي دولت هٿ اچي ٿي.اها شعور و فڪر جي اعجاز آھي ته انسان محبت و انس جي جذبي کان سرشار ٿي ڪري گڏجي سڏجي رهي ٿو.اها ڳاله به چٽي آھي ته خدا تعالي اڄ تائين ان قوم جي حالت ناهي بدلائي جيڪا پنهنجو پاڻ کي بدلائڻ جي جستجو نٿي ڪري.مقصد اهو ته بيداري واري شعور کان انسان جي جذبن ۾ خوشبو پيدا ٿيئي ٿي.ان کان ڪجه ڪرڻ جو شوق وڌي ٿو.روشني جي چمڪ کان اونداهيء ۾ چانڊوڪي پيدا ٿين سان وقت کي سمجهڻ جي قابليت ملي ٿي.تخليقي ۽ ادبي صلاحيتون بلنديون حاصل ڪن ٿيون.پاڪيزه وصفون.اخلاقي حسن.بيان جو انداز.صبر.گهرج.چاهت.برابري.انصاف وعدل جو احترام ۽ آدميت سڀ شعور جي بيداري کان ممڪن آھي.قرآن جي خوشبو ۽ رسول صلي الله عليه وسلم جي محبت و عقيدت جي جذبي سان ٽمٽار رهڻ جي صلاحيت پيدا ٿيئي ٿي.انسان جي دل هڪ باغ آھي.جنهن ۾ بهار شعور و فڪر سان پيدا ٿيئي ٿو.محبت جا گل.الفت جا لڪل راز.چاهت جا گلاب شعور و فڪر کان جنم وٺن ٿا ۽ انساني حياتي جو نئون رنگ پيدا ٿيئي ٿو.فڪر و شعور جي شمع جي ڪرشمي کان ئي انسانيت جي حسن ۾ خوبصورتي پيدا ٿيئي ٿي.عقل چنڊ جي مثل.شعور تارن جي مثل ۽ علم سج جي مثل آھن.جن سان انسان کي ڪمال جي بلندي ۽ دل جي سڪون جي دولت هٿ اچي ٿي يعني علم جي فضيلت هڪ مڃيل حقيقت آھي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو