وفا سانوڻ نوحاڻي
پاڪستان ھڪ اسلامي جمهوريه ملڪ آهي ، پر انھيءَ ۾ سياست عوامي ، ۽ صوبائي ڪئي ويندي آهي ، ھر سياستدان پنھجا پنھجا سياسي ڪارڊ استعمال ڪندو آهي ، پر پاڪستاني سياست جي ھڪ اندروني حقيقت ھي آهي ته ملڪي سياست ملڪي معيشت دفاع کان ويندي ھر ڪارنامي ۾ اسٽيبلشمنٽ جو تاريخي ڪردار رهيو آهي ، جنهن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ، اھيا ھڪ حقيقت آھي ، جيڪا ھر باشعور ماڻهو سمجهي ٿو ، ملڪ ۾سياست جي اندر اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت جي خلاف ڪيترائي ماڻهو آھن ڪيتريون ئي پارٽيون اسٽيبلشمنٽ جي سياست ۾مداخلت تي شور شرابو ڪن ٿيون ،ان کي سھي بھتر ڪردار نٿيون سمجھن ، ۽ حقيقت ۾اسٽيبلشمنٽ جو سياست ۾ ڪردار ھجڻ ئي نه گهرجي ، پر سوال هي آهي ، ته جڏهن سياست مفادن جي خاطر ڪئي وڃي ، ايتري مفاد پرستي ھجي ، جو ملڪ جي دفاع ، ملڪ جي معيشت ، ملڪ جي سالميت ، ملڪ ۾ٿيندڙ دھشتگردي ، ملڪ ۾ايندڙ قدرتي آفتن تي به سياست پنهنجي مفادن جي ڪئي وڃي ، ته پوءِ اھڙي صورتحال ۾اسٽيبلشمنٽ جو سياست ۾ ڪردار ، خود بخود شامل ٿيو وڃي ، جڏهن ته اسٽيبلشمنٽ پنهنجي دانشمندي سان سياست به ڪري ويندي آهي ، ۽ سياستدانن جي بيوقوفي اسٽيبلشمنٽ جي سياسي مداخلت کي ھميشه جواز ۽ سگھ بخشي آهي ، ايوب خان جي مارشلا کان ويندي جرنل پرويز مشرف جي ايمرجنسي ، سڀ مداخلت ۾ سياستدانن جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح سپورٽ ڪيو آهي ، ۽ جواز پيدا ڪيو آھي ، ۽ پنهنجي اختلافن ذاتي مفادن جي خاطر ، ملڪ جي آئين ۽ جھموريت ۾ اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت کي سگھارو بڻايو آهي ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف ھلندڙ تحريڪ ضياءُ الحق کي آئين ٽوڙڻ ملڪ ۾مارشلا نافذ ڪرڻ جو جواز پيدا ڪيو ، ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي سياستدانن ضياءُ الحق جي حمايت ڪئي ، جنهن سبب ملڪ جي ھڪ عظيم ليڊر کي ڦاسي ڏني وئي ، ۽ جرنل ضياء الحق کي شريف النفس جا لقب ڏنيدڙ به سياستدان ھئا ، ۽ ڪيترائي سياستدان ضياءُ الحق جا ٻانهن ٻيلي ھئا آئين ٽوڙڻ جھموريت کان ويندي سياسي ڪارڪنن کي شهيد ڪرڻ تائين آمريت جا ساٿاري رهيا. تنهن کانپوءِ جڏهن جھموريت بحال ٿي ته وري نواز شريف۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي وچ۾سياسي تڪرار سبب محترمه بينظير جي حڪومت کي وقت کان اڳ،ڪيرايو ويو ، پوءِ وري ، نوازشريف ، جي حڪومت کي به ڪيرايو ويو ، وري به محترمه بينظير اقتدار حاصل ڪيو ، ته وري ساڳي ،ڪار ، ورجائي وئي آهي ، انھيءَ دوران ڪا به مارشلا به ڪونه لڳي ، پر ، سياستدانن ، اسٽيبلشمنٽ جي ونگار وهندي ھڪٻئي جون حڪومتون ڪيرايون ، جھموريت کي ڪمزور ڪيو ويو ، سياسي ڪارڪنن کي اسٽيبلشمنٽ جي مدد سان جيلن ۾قيد ڪيو ويو ، جڏهن پرويز مشرف نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي ، تڏهن به سياستدان اسٽيبلشمنٽ جي ھتان استعمال ٿي ويا ، پاڻ ئي پنھنجون پارٽيون ڇڏي سياسي وفاداريون بدلائي اسٽيبلشمنٽ سان وفاداري نڀائي ، پرويز مشرف جي سڄي حڪومت ، ۾ سياستدان ئي اقتدار ۾شامل ھئا ، پرويز مشرف کي آئين ۾ ترميم جي اجازت سياستدان ئي ڏني ،پرويز مشرف کي با وردي صدر ٿيڻ جي اجازت ڏني ، پرويز مشرف ، سان اقتدار ۾ڀاڱي ڀائيوار سياستدان ئي رھيا ، پرويز مشرف جي دور ۾دھشتگردي جو خطرناڪ جنم ٿيو ، جنهن سبب پاڪستان جي سياست جا رخ ئي تبديل ٿي ويا ،پوء وري محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت بعد پيپلزپارٽي جي حڪومت آئي ته يوسف رضا گيلانيءَ صاحب کي زبردستي پنهنجي ئي ملڪ ۽ پارٽيءَ جي صدر خلاف خط نه لکڻ جي ڪري ھٽايو ويو آهي، ته وري نواز شريف کي پاناما ڪيس۾ھٽايو، پٽ کان پگهار نه وٺڻ جي ڏوهه۾آقتدار جي ڪرسيءَ تان لاهي جيل موڪليو ويو، ته عمران خان انھيءَ تي جشن ملهايو، پاڻ کي اڪابر سمجھڻ لڳو، پر حقيقت۾عمران خان به اسٽيبلشمنٽ جي دلالي سان نواز شريف کي نااهل ڪرائڻ وارا ڪارنامو سرانجام ڏنو، پر اسٽيبلشمنٽ سياستدانن جي پرڪارن کان چڱي ريت واقف آهي، انھيءَ جي آشيرواد سان جڏهن عمران خان آقتداري ڪرسي تي ويٺو، ته ايڏو ته تڪبر ۾ اچي ويو، جو، پاڻ کي شھنشاھ سمجھڻ لڳو، جيئن نواز شريف پاڻ کي امير المومنين سمجھندو ھئو، جڏهن کان عمران خان، اسٽيبلشمنٽ سان تڪرار شروع ڪيو، اسٽيبلشمنٽ جي ملڪي مفادن واري فيصلن کي به پنهنجي سياسي انا پرستي جي ور چاڙهيو، تڏهن عمران خان جي بيوقوفي ۽ ضد۽ تڪرار جي ڪري ملڪي سياست بدلجڻ لڳي، جيڪا اسٽيبلشمنٽ عمران خان جي دور۾ سينيٽ چيئرمين جي ھارايل چونڊ کٽرائي، ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ بچٽ پاس ڪرائڻ کان ويندي ڪورم پورو ڪرڻ تائين، عمران خان سان ھڪ پيج تي ھئي، اھا اسٽيبلشمنٽ عمران خان جي بيوقوفي سبب، سياسي معاملن مان نڪرڻ لڳي ، ته پوءِ عمران خان کان اھا بيوقوفي برداشت نه ٿي، ھن اسٽيبلشمنٽ تي گھٽيا قسم جا الزام ھڻڻ شروع ڪيا، آرمي چيف کي مختلف لقب ڏيڻ لڳو، شوشل ميڊيا جي سھولت ڪاري سان ھر اداري جي توھين ڪرائڻ لڳو، ايتري تائين جو آخر ڪار، جو معاملو وڃي، نؤ، مئي تي پھتو، جڏهن عمران خان جي گرفتاريءَ جي ردعمل۾ سيڪيورٽي فورسز جي گھرن۽ يادگارن تي حملا ڪيا ويا، جڏهن سيڪيورٽي فورسز جي گھرن تائين سياست جو تڪراري آڙ۾ رد عمل چئي حملا ڪيا ويا، تڏهن اسٽيبلشمنٽ، طئي ڪيو ته ھاڻ رياست جي طرفان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي، ۽ پوءِ اسٽيبلشمنٽ جي ڪگ مان جنم وٺندڙ تحريڪ انصاف، به وکرڻ شروع ٿي وئي، سمورين سازشين سياسي مذهبي بين الاقوامي ڪارڊ کيڏڻ جي باوجود تحريڪ انصاف، ۽ عمران خان سياڻي ڪانگ وانگي اسٽيبلشمنٽ جي ڄار۾ڦاسي پيو آهي، جتان نڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي آهي، پر نڪرڻ جو چانس في الحال نظر نه اچي ٿو، ايتري۾ اسٽيبلشمنٽ شھباز،حڪومت جي سپورٽ ڪري ملڪي معيشت سان گڏوگڏ سياست به مستحڪم ڪري رھي آھي، ملڪي حالتون بهتر ته ناھن، پر ايتريون ته خراب به ناھن، ائين ئي بلوچستان۾ دھشتگردي سبب اسٽيبلشمنٽ ھي معاملو سياسي مان دھشتگردي جي طرف رخ موڙي ڇڏيو آهي، ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي، جنهن سبب تحريڪ انصاف جي حڪومت اسٽيبلشمنٽ کان سواءِ ڪو ڪردار ادا نه ٿي ڪري سگهي، جڏهن ته سنڌ ۾ فارمنگ فارميٽ ڪمپنين جي ذريعي زمين جي مسئلي کان ويندي، سنڌوء درياهه مان ڇھ ڪئنالن جي ڪڍڻ واري فيصلي جي خلاف سنڌ۾ سازشين جي ذريعي سڄي جدوجهد جو رخ پيپلزپارٽي جي طرف موڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته سڄي دنيا سمجھي ٿي، ته ھي منصوبو اسٽيبلشمنٽ جو ئي آهي، پر سڄي دنيا کي خبر به آهي، ته صدر پاڪستان کي ترقياتي منصوبو، جاري ڪرڻ جو ، اختيار ئي ناهي، آئين۾ اختيار ئي ناهي، پر پوءِ به اسٽيبلشمنٽ ايتري چالاڪي ھوشياري سان پنھنجو ڪارڊ کيڏيو، جو، سدائين اسٽيبلشمنٽ جي مخالفت ڪندڙ، جي ايم سيد جي نظريي تحت اسٽيبلشمنٽ۽ ملڪ مخالفت۾سياست ڪندڙ پارٽيون به اسٽيبلشمنٽ جي ساٿاري پارٽين سان گڏجي پيپلزپارٽي جي خلاف جدوجھد ڪري رھيون آھن، اڄ جيڪي ڪئنال ٺاھين پيا، انھيءَ منصوبن جي سھولت ڪاري اسٽيبلشمنٽ ڪري رھي آھي، جڏهن ته اسٽيبلشمنٽ جي ساٿاري رھندڙ پارٽيون، پيپلزپارٽي جي خلاف ميدان تي نڪتل آھن، انھن ئي پارٽين کي اسٽيبلشمنٽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي خلاف استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪئنالن جي مسئلي تي پيپلزپارٽي، اسٽيبلشمنٽ وفاقي، پنجاب حڪومت جي خلاف جدوجھد ڪري پئي، جڏهن ته اسٽيبلشمنٽ جون نور نظر پارٽيون، پيپلزپارٽي جي خلاف جدوجھد ڪري رھيون آھن، جنهن سبب اسٽيبلشمنٽ جون سمجھ سڀئي آڱريون گيهه۾آهن، تحريڪ انصاف ۾ چار پنج گروپ اسٽيبلشمنٽ قائم رکڻ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، جئين نواز شريف کي مائينس ڪيو ويو آهي، ائين عمران خان به مائنس ٿيڻ جي طرف وڃي رھيو آھي، جڏهن ته ڪئنالن جي مخالفت کان پوءِ اسٽيبلشمنٽ، آئنده وزير اعظم جي لاءِ مريم نواز جي لاءِ راھ ھموار ڪرڻ جي لاء وڃي رھي آھي، جڏهن ته مريم نواز کي آئنده مستقبل جي لاء وزير اعظم بڻائڻ جي ماحول بڻائڻ جي تياري ٿي رهي آهي، جنهن جي سنڌ۾ پيپلز پارٽيءَ مخالف اتحاد کي مضبوط ڪيو ويندو، ڪي پي ڪي ۾ مولانا فضل الرحمان، جڏهن ته پنجاب۾مريم نواز جي آساني ٿئي پئي، جڏهن ته اھڙي طرح ھڪ دفعو وري جڏهن ملڪ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ مارشلا نافذ ڪرڻ، يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ايتري آسان ناهي، رھي، تڏهن کان بيوقوف سياستدانن کي علقمند اسٽيبلشمنٽ، پنهنجي اڱرين تي ھلائڻ شروع ڪيو آهي، اسٽيبلشمنٽ ھڪ حقيقت آھي، پر انھيءَ کي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاء ھميشه بيوقوف سياستدانن جو ساٿ شامل رهيو آهي، ڇو ته پاڪستان جي سياست جو محور عوام جي بجاءِ اسٽيبلشمنٽ ٿي ويو آهي، اھئي اسٽيبلشمنٽ جي سھاري۽ اشاري جي سواء سياست ڪري نٿا سگهن، اسٽيبلشمنٽ انھن کي پنهنجي عقلمندي سان پاڻ۾ نفرتون پيدا ڪرائي، انهن بيوقوف سياستدانن کي ھڪٻئي جي خلاف استعمال ڪري حڪمراني ڪئي آهي، عوام کي صرف نعرن جي بنياد تي بيوقوف سياستدانن، ئي بيوقوف بڻايو آهي، جن کي عقلمند اسٽيبلشمنٽ ھميشه بيوقوف بڻائي حقيقي حڪمراني ڪئي آهي،










