عظيم ليڊر فخر ايشيا قاعد عوام  ذوالفقار علي ڀٽو

عظيم ليڊر فخر ايشيا قاعد عوام ذوالفقار علي ڀٽو

وفا ولي محمد ڦل
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 5جنوري 1928 ع ۾ لاڙڪاڻي جي شھر رتو ديرو ۾ سر شاھنواز ڀٽو جي گھر ۾ اک کولي ـ ڀٽو گھراڻي جو ذڪر ٿيندي ئي سر جي ايم سيد جو ذڪر ۽گڏيل سياست اچي ٿي ھر ڪنھن جي ذھن ۾ ھڪٻئي جي ٻن ڪٽر مخالفن وارو تصور اُڀرندو آھي ـ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي توڙي شھيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن ۾ سيد جي قيد ۽ نظربندين مان اھو مطلب ورتو ويندو آھي ڄڻ سيد ۽ ڀُٽن جي ڪا خانداني دشمني ھجي ـ خاص طور آمر جنرل ضياءَ جي زماني ۾ سائين جي ايم سيد جي بيانن کي اُن وقت جي اخبارن اھڙي طرح ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ھو ڄڻ ھو ڀٽو دشمنيءَ ۾ جنرل ضياءَ جو وڏو حمايتي ٿي پيو ھجي ـ مونکي خاص طور اھو بيان ياد آھي جڏھن صحافين جي سوال تي سائين جي ايم سيد وراڻيو ھو : “جنرل ضيا بھت اڇا آدمي ھي، ڪيونڪه جو ڪام ھم ڪرنا چاھتي ھين (ملڪ کي ٽوڙڻ) وه يه خود ڪر رھا ھي ـ” اخبارن پنھنجي اصل آقائن جي اشاري تي يا ھڪ مخصوص مائينڊ سيٽ تحت سيد جي بيان جو صرف پھريون جملو ڇاپيو ته “جنرل ضيا بھت اڇا آدمي ھي” ـ ان اڌ جملي سڄي سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ وڏي ڪاوڙ جي لھر پکيڙي ڇڏي ھئي ڇوته ڀُٽو صاحب عوامي ليڊر ھو ۽ سندس شھادت جو درد سنڌ جي عوام جي دلين ۾ اڃا تازو ھو ـ جن ماڻھن جي ذھنن ۾ سيد مخالف پرچار جو اثر گھڻو ويٺل آھي، اھي اڪثر جي ايم سيد جي خلاف ڳالھائڻ لاءِ سندس ڀُٽو دشمنيءَ جا مثال ڏيندا آھن ـ پر مان ڪن ڳالھين ۽ واقعن کي ياد ڪري سوچيندو آھيان ته سائين جي ايم سيد ۽ ڀُٽو صاحب وچ ۾ سياسي اختلاف ته اڻ ڳڻت ٿي سگھيا ٿي پر ڪا خانداني دشمني ڪانه ھئي ـ اھڙي طرح سياسي اختلاف به اھڙا ڪونه ھئا جو ھڪٻئي جو سِرُ وٺڻ لاءِ تيار ھجن ـ ان جي برعڪس مون ڏٺو آھي ته ٻنھي اڳواڻن جا سياسي اقتصادي نظريا ھڪٻئي سان گھڻو ملندڙ ھئا ـ سائين جي ايم سيد ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌ جا اھڙا اڳواڻ ۽ مدبر ٿي گذريا آھن جن جي جنم توڙي وفات وارن ڏينھن تي لکين ماڻھو سندن مزارن تي گڏ ٿين ٿا ـ اھڙو مثال سڄي پاڪستان ۾ ته ڇا سموري ننڍي کنڊ ۾ نٿو ملي ـ سائين جي ايم سيد جا شھيد ڀُٽو جي والد سر شاھنواز ڀُٽو سان ويجھا سياسي لاڳاپا ھئا ۽ سر شاھنواز کان عمر ۾ ننڍو ۽ کانئس سياست ۾ جونيئر ھجڻ جي باوجود ھو ساڻس گڏ سياسي جدوجھد ۾ شامل رھيو ـ مان ڪا نئين ڳالھه نٿو ڪريان جو تاريخ شاھد آھي ته 1934 ۾ پھريون ڀيرو سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد به سائين جي ايم سيد جي ڪراچيءَ واري رھائش حيدر منزل تي پيو ھو، جنھن ۾ سر شاھنواز ڀُٽي کي پارٽيءَ جو صدر ۽ سائين جي ايم سيد کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو ھو ـ سنڌ پيپلز پارٽي گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھي جنھن کانپوءِ 1936 ۾ وري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاھي وئي جنھن ۾ پڻ سر شاھنواز ڀُٽو ۽ سائين جي ايم سيد گڏ ھئا ـ اڳتي ھلي اھڙو وقت به آيو جو سر شاھنواز ڀُٽو چونڊن ۾ جڏھن ڪاميابي ماڻي نه سگھيو ته سائين جي ايم سيد پنھنجي سيٽ تان استعيفى ڏيڻ ۽ سر شاھنواز کي اُن تي چونڊرائڻ جي آڇ ڪئي ته جيئن ھُو سنڌ جو پرائيم منسٽر بڻجي سگھي پر سر شاھنواز اُھا آڇ قبول نه ڪئي ھئي ـ سندن سياسي تعلقات پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به قائم رھيا ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ در پيش خطرن کي محسوس ڪندي 1948 ۾ ھنن ٻنھي اڳواڻن گڏجي سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو ھڪ ڀيرو وري بنياد رکيو جنھن جو ڪنوينشن به ڪوٺايو ويو ـ ٻئي اڳواڻ سنڌ ۽ سنڌين جي سياسي ۽ اقتصادي مستقبل کي درپيش خطرن کي محسوس ڪري رھيا ھئا پر بدقسمتيءَ سان ھن ڀيري به اھا ھتان جي سياسي چالبازين کي منھن نه ڏئي سگھي ۽ ھوريان ھوريان غير سرگرم ٿيندي وئي ـ
شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جڏھن ايوب خان جي اقتدار کي ڇڏي پنھنجي سياسي پارٽي ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ته سندس ذھن ۾ پنھنجي والد جي سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو نالو خ ھو جنھن کي ھن پاڪستان پيپلز پارٽي جي شڪل ۾ ملڪگير سياست ڪرڻ لاءِ وجود ڏنو ـ ايئن جڏھن ون يونٽ مخالف تحريڪ ھلي رھي ھئي تڏھن سيد سان سندس دوست سياستدان سر شاھنواز ڀُٽي جو فرزند ذوالفقار علي ڀُٽو به ون يونٽ مخالف محاذ ۾ گڏ ھو ـ پوءِ وقت آيو جڏھن ملڪ ڀاڱا ٿيو ۽ 1971 جي ڊسمبر ۾ اقتداري قوتون ملڪ جون واڳون ڀُٽي صاحب کي ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويون ـ جيتوڻيڪ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو زمانو به سائين جي ايم سيد لاءِ قيد ۽ بند کڻي آيو، پر سندس دل ۾ ڀُٽي صاحب لاءِ نرم گوشو ھو ـ باوجود انھيءَ جي ته سندن سياست جا بنياد الڳ الڳ ھئا، سائين جي ايم سيد قومپرست اڳواڻ ھو ۽ ڀُٽو صاحب وفاق جي علامت بڻجي چُڪو ھو، پر ڀُٽي صاحب جو سنڌي ھجڻ ۽ سر شاھنواز جو فرزند ھجڻ سان گڏ منھنجي خيال ۾ ڪي ٻيون به ڳالھيون ھيون جيڪي سيد جي من ۾ ھن لاءِ نرم گوشو پيدا ڪري رھيون ھيون ـ ڀُٽي صاحب اقتدار سنڀالڻ شرط اسلامي شوشلزم جو نعرو ھنيو ھو ۽ ان پروگرام ھيٺ ھن خانگي شعبي جي وڏين صنعتن ۽ ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ شروع ڪيو ھو ته جيئن چند سرمائيدارن جي ھٿن ۾ ويندڙ دولت کي غريب عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ڪري سگھي ـ ساڳئي وقت ھن زرعي سڌارا به آندا ته جيئن جاگيردارن کان زمينون کسي غريب ھارين ڏئي سگھجن ـ اھو ساڳيو پروگرام سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو ھو جيڪا 1948 ۾ سر شاھنواز ڀُٽي ۽ سائين جي ايم سيد ٺاھي ھئي ـ ان ڳالھه جي ثابتي سائين جي ايم سيد جي جنوري 1953 ۾ لکيل مضمون (سنڌي عوامي جماعت جي پاليسي ۽ پروگرام بابت 1953 جي اليڪشن وقت تيار ڪيل مضمون) مان ملي ٿي جنھن ۾ سيد لکي ٿو : “اسان پاڪستان جي حڪومت سوشلسٽ بنيادن تي برپا ڪرڻ گھرون ٿا ـ اھا ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھه آھي ته ملڪ جا 95 سيڪڙو عوام غربت ۾ غلطان، علم کان بي بھره، آباديءَ لاءِ زمين کان محروم، بي گھر، پوري ڪپڙي ۽ کاڌي لاءِ محتاج ھجن ـ اسان جي جماعت انھن مسئلن جي سرانجاميءَ لاءِ ڪوشش ڪندي ـ” ڀُٽي صاحب جو به اھو ئي نعرو ھو : اَٽو، لٽو ۽ اَجھو جو پروگرام ڪيو
سيد سندن پارٽيءَ جي پروگرام بابت اڳتي لکي ٿو: “اسان ھر ھاريءَ کي پنھنجي زمين جي ٽُڪري ھئڻ جي اصول جا حامي آھيون ـ انھيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھيٺيان رستا اختيار ڪرڻ ضروري سمجھون ٿا : سرڪاري زمين صرف بي زمين ھارين کي ڏني وڃي ۽ جاگيرون ختم ڪري زمينداريون گھٽائي اھا زمين ھارين ۾ ورھائي وڃي ـ ” ڀُٽي صاحب جو به اھو ئي پروگرام ھو ـ شھيد ذاولفقار علي ڀٽو تي ان دور جي وچ ۾ محمد احمد قصوري جي قتل جو الزام به مڙھيو ويو ۽ڪيس ھلندو رھيو ـشھيد ذاولفقار ڀٽو بھترين طرز عمل تي حڪومت ھلاءي 1973وارو آءين نافذ ڪيو جيڪو اڄ تاءين لاڳو ۽تعريف جي لاءق آھي ڀٽو صاحب ان کان اڳ واري دور حڪومت ۾ پرڏيھي وزير ۽صنعت پيداوار جا وزير به رھي چڪا ھا ـ پاڻ قانون جي ڊگري به پرڏيھ مان ماڻي ھءي ۽ عقابر تقرير جا ماھر ھا ـ ليڪن تڏھوڪي فوجي ڊڪٽيتر جنرل ضيا ۽ ٻين سازشي عناصرن 1977ع تي سندس کان ملڪي واڳون کسي ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو مارشلا لاڳو ڪري پاڻ جنرل ضيا الحق ملڪ جو صدر ٿي تخت تي قابض ٿي ويو ۽4اپريل 1979تي ھن محب وطن مرد مجاھد کي ڦاسي ڏني وءي !!!!!!!!!!!!ڀٽو صاحب جلاوطني کان اصولن جي سوديبازي قبول نه ڪندي شھادت ماڻي ـ ھن سال ھن ارڏي انسان دنيا ليول تي پاڻ مڃراءيندڙ شخصيت جي 96 ھين سالگرھ مبارڪ آھي جيڪا سندس آخري آرامگاھ سميت پوري ملڪ جي ھر ننڍي وڏي شھر ۾ ڌام ڌوم سان ملھاءي پءي وڃي پوري ملڪ ۾ ننڍيون وڏيون تقريبون رکيل آھن جتي پي پي جو چيرمين بلاول ڀٽو آصف علي آصفا ڀٽو سميت سموري قيادت مختلف شھرن ۽ ھندن تي سندس جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيندا ۽ سندس جي عظيم ڪردار ملڪي خدمتن ۽زندگيء تي روشني وجھندا۔ دعا آھي ته الله پاڪ ھن مرد مجاھد جي ڇڏيل اڻپوري مشين کي قاءم داءم رکي ء کيس کي جنت الفردوس نصيب عطا ڪري آمين

پهنجو تبصرو موڪليو