عسڪريت پسندن جو حملو، 31 عورتن سميت 35 شهري مارجي ويا

اواگاڊوگو(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ملڪ برڪينا فاسو ۾ عسڪري پسندن اُتر علائقي ۾ حملو ڪري 31 عورتن سميت 35 شهرين کي ماري ڇڏيو. فرانسيسي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته حملي ۾ مارجي ويل سڀني ماڻهن ۾ تقريبن عورتون آهن.واضح رهي ته ڄاڻايل حملو گذريل 5 سالن ۾ ٿيندڙ حملن کان وڌيڪ خطرناڪ تصوير ڪيو پيو وڃي ۽ ان شهرين جي مارجڻ تي پوري ملڪ ۾ 2 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان کان علاوهه مقامي فوج مطابق صوبي صوم ۾ اربنڊا شهر ۽ ان جي فوجي اڏي تي هڪ ئي وقت ٿيندڙ حملن ۾ 7 فوجي ۽ 80 عسڪريت پسند به مارجي ويا هئا. ان سان گڏ فوج اهو به ٻڌايو ته اهو حملو غير معمولي شدت جو هيو. ياد رهي ته مالي ۽ نائيجر جي سرحدي سان لاڳاپيل برڪينا فاسو 2015 جي شروعات کان عسڪريت پسندن جي نشاني تي آهي. برڪينا فاسو جي آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردن جي هڪ وڏي گروپ هڪ ئي وقت فوجي اڏي ۽ اربنڊا ۾ شهري آبادي تي حملو ڪيو. ٻئي طرف برڪينا فاسو جي صدر روچ مارڪ ڪرسچن ڪبور ٽوئيٽ ۾ دفاعي ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ عزم جي تعريف ڪندي چيو ته ان وحشياڻي حملي جي نتيجي ۾ 35 شهري مارجي ويا آهن جن ۾ گهڻي تعداد عورتن جي هئي. ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ ان حملي جي مذمت سان گڏ دهشتگردي خلاف برڪينا فاسو جي حمايت ۾ پيغامن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. برسلز ۾ يورپي ڪونسل جي سربراهه چارلس مشيل ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته برڪينا فاسو ۾ دهشتگردي سان اسان سڀني کي خطرو آهي پر يورپي يونين دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ آفريقا سان شانه بشانه بيٺي آهي. ياد رهي ته هن مهل تائين ڪنهن گروپ فوري طور تي حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي پر برڪينا فاسو ۾ عسڪريت پسندن جي حملن جو الزام القاعده ۽ داعش تي لڳايو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو