ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي لياقت آباد علائقي ۾ رينجرز اهلڪارن تي قاتلانه حملي جي 27 سال پراڻي ڪيس ۾ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت ملزم عبيد ڪي ٽو جي سزا خلاف اپيل قبول ڪندي عمر قيد جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو،ملزم جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته هي ڪيس اڳ ۾ ٻه ڀيرا هلي چڪو آهي، هڪ فوجي عدالت ۾ ٿيو هو، ايم ڪيو ايم جي نائن زيرو هيڊ ڪوارٽر مان گرفتار ڪيل سڀئي جوابدار جيل مان آزاد ٿي چڪا آهن، صرف عبيد ڪي 2 جيل ۾ آهي. ملزم عبيد ڪي 2 کي 2015 کان گرفتار ڪيو ويو آهي، پراسيڪيوٽر اقبال اعواڻ چيو ته ملزم ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، اي ٽي سي قانون موجب سزا ٻڌائي، ملزم بريت جو حقدار ناهي، پوليس چيو ته 1998 ۾ اهلڪار رينجرز جي پڪٽ تي موجود سپاهين کي کاڌو فراهم ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، جوابدارن لياقت آباد علائقي ۾ انهن تي گهيرو ڪيو ۽ اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، فائرنگ ۾ سپاهي دلدار حسين شهيد ۽ حوالدار ممتاز علي زخمي ٿيا، پراسيڪيوشن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 2024 ۾ ملزم عبيد ڪي 2 کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي،سنڌ هاءِ ڪورٽ ملزم عبيد ڪي 2 جي عمر قيد جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.










