عامر فاروق خلاف ريفرنس جي باوجود خان جون درخواستون ٻڌڻ جو فيصلو

عامر فاروق خلاف ريفرنس جي باوجود خان جون درخواستون ٻڌڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاڻ کي نئين توشه خانه ريفرنس کان ڌار ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه جي نئين ريفرنس جي ٻڌڻي هلائي، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني جي معاون وڪيل انتظار پنجوٿا چيف جسٽس تي اعتراض واريندي چيو ته توهان خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي اسان جي استدعا آهي ته توهان پي ٽي آءِ باني جو ڪيس نه ٻڌو، ان تي چيف جسٽس عامر فاروق پڇيو ته توهان چئي رهيا آهيو ته مان ڪيس کان ڌار ٿي وڃان؟ وڪيل چيو ته جي اسان چاهيون ٿا ته توهان ٻڌڻيءَ تان دستبرداري اختيار ڪيوچيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته اهو ڪو به سبب نه آهي، ان سان نئون ٽرينڊ شروع ٿي ويندو، ائين نه ٿيندو آهي، پورو طريقيڪار موجود آهي، ان حوالي سان جسٽس بابر ستار جو فيصلو موجود آهي عدالت سلمان صفدر کي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، نيب 13 جولاءِ تي توشه خانه جي نئين ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي

پهنجو تبصرو موڪليو